بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5

نئين عهد نامي

يعقوب 5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

دولتمندن کي چتاءُ

1. ھاڻي اي دولتمندو! اوھين ٻڌو، انھن مصيبتن جي ڪري روئو ۽ رڙيون ڪريو، جيڪي اوھان تي اچڻيون آھن.

2. اوھان جو مال ملڪيت سڙي ڪنو ٿي ويو ۽ اوھان جا ڪپڙا ڪينئان کائي ويا.

3. اوھان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙھي ويئي. اھا ڪٽ اوھان تي شاھدي ڏيندي ۽ باھہ وانگر اوھان جو ماس کائيندي. اوھان پوين ڏينھن ۾ دولت ميڙي آھي.

4. ڏسو، جن مزورن اوھان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزوري جيڪا اوھان ٺڳي ڪري رکي ڇڏي آھي، سا رڙيون پيئي ڪري. لاباري ڪرڻ وارن جون دانھون قدرت واري خداوند جي ڪنن تائين وڃي پھتيون آھن.

5. اوھين زمين تي عيش عشرت ۾ رھيا آھيو ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. درحقيقت اوھان پاڻ کي ڪوس واري ڏينھن لاءِ ٿلھو متارو ڪيو آھي.

6. اوھان سچار کي ڏوھي ٺھرايو آھي ۽ قتل ڪيو آھي. پر سچار اوھان جي مخالفت نہ ٿو ڪري.

ڏکن ۾ صبر ڪرڻ

7. تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، ھاري زمين جي قيمتي پيدائش لاءِ ڪيڏو نہ انتظار ٿو ڪري. ھو آڳاٽي ۽ پاڇاٽي مينھن پوڻ تائين صبر ٿو ڪري.

8. اوھين بہ صبر ڪريو ۽ ثابت⁠قدم رھو، ڇالاءِ⁠جو خداوند جو اچڻ ويجھو آھي.

9. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ٻئي جي خلاف ڪُرڪو نہ، متان اوھان کي سزاوار ٺھرايو وڃي. ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آھي.

10. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انھن نبين کي ڏک سھڻ ۽ صبر ڪرڻ جو نمونو ڪري سمجھو، جن خداوند جي نالي تي ڪلام ڪيو.

11. اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين صبر ڪرڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوھان ايوب جي صبر جو حال تہ ٻڌو آھي ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ خداوند ھن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انھيءَ مان ظاھر آھي تہ خداوند نھايت ٻاجھارو ۽ رحم وارو آھي.

12. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! سڀ کان پھرين ڳالھہ ھيءَ آھي تہ قسم نہ کڻو، نہ آسمان جو نہ زمين جو ۽ نہ وري ڪنھن ٻيءَ شيءِ جو. پر اوھان کي ”ھائو“ جي جاءِ تي ”ھائو“ ۽ ”نہ“ جي جاءِ تي ”نہ“ چوڻ کپي، تہ جيئن اوھين سزا ھيٺ نہ اچو.

ايمان سان دعا گھرڻ

13. ڇا اوھان مان ڪو ماڻھو تڪليف ۾ آھي؟ انھيءَ کي دعا گھرڻ کپي. ڇا ڪو خوش آھي؟ انھيءَ کي تعريف جا گيت ڳائڻ گھرجن.

14. ڇا اوھان مان ڪو بيمار آھي؟ اھو ڪليسيا جي بزرگن کي گھرائي ۽ اھي بزرگ خداوند جي نالي ۾ انھيءَ بيمار کي زيتون جو تيل مکي مٿس دعا گھرن.

15. اھڙي دعا جيڪا ايمان سان گھري ويندي، سا بيمار کي شفا ڏيندي ۽ خداوند انھيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏھن ھن گناھہ ڪيا ھوندا تہ کيس انھن جي بہ معافي ملندي.

16. تنھنڪري پنھنجا گناھہ ھڪ ٻئي اڳيان باسيو ۽ ھڪ ٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇالاءِ⁠جو سچار ماڻھوءَ جي دعا نھايت اثر واري ٿئي ٿي.

17. الياس نبي بہ اسان جھڙي طبيعت جو ماڻھو ھو. ھن دل⁠وجان سان دعا گھري تہ مينھن نہ وسي، پوءِ ساڍن ٽن سالن تائين زمين تي مينھن نہ پيو.

18. وري جڏھن ھن دعا گھري تڏھن آسمان مان مينھن پيو ۽ زمين پنھنجا فصل اپايا.

19. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن اوھان مان ڪو حق کان گمراھہ ٿي وڃي ۽ ٻيو جيڪو انھيءَ کي ڦيرائي راھہ تي آڻي،

20. تڏھن اوھين ڄاڻي ڇڏيو تہ اھو جيڪو ڪنھن گنھگار کي گمراھيءَ کان ڦيرائي راھہ تي ٿو آڻي، سو انھيءَ جي روح کي موت کان بچائيندو ۽ گھڻا گناھہ ڍڪي ڇڏيندس.