نئين عهد نامي

مڪاشفو 12:8-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. پر کين شڪست آئي. تنھنڪري آسمان ۾ انھن جي ڪابہ جاءِ نہ رھي.

9. اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.

10. پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ”ھاڻي اسان جي خدا جو ڇوٽڪارو،قدرت ۽ بادشاھت۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آھي.ڇالاءِ⁠جو اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن تي الزام ھڻڻ وارو،جيڪو رات ڏينھناسان جي خدا جي آڏومٿن الزام ھڻي رھيو ھو،سو ھيٺ اڇلايو ويو آھي.

11. پر اسان جا ڀائر ۽ ڀيڻونگھيٽي جي رت جي وسيلي۽ پنھنجي شاھديءَ جي ڪريمٿس غالب پيا،ڇالاءِ⁠جو ھنن موت تائين بہپنھنجو ساھہ پيارو نہ ڪيو.

12. تنھنڪري اي آسمانو ۽ آسمانن جا رھاڪو!اوھين خوشيون ڪريو.پر اي زمين ۽ سمنڊ!اوھان لاءِ افسوس آھي،ڇالاءِ⁠جو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ ماناوھان ڏانھن لھي آيو آھي،انھيءَ ڪري جو خبر اٿس تہسندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آھي.“

13. جڏھن انھيءَ ازدھا ڏٺو تہ کيس زمين تي ڪيرايو ويو آھي، تڏھن ھو انھيءَ عورت کي ستائڻ لڳو جنھن کي پٽ ڄائو ھو.

14. پر عورت کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن ھوءَ بيابان ۾ پنھنجيءَ جاءِ تي پھچي وڃي ۽ نانگ کان محفوظ رھي، جتي ساڍن ٽن سالن تائين سندس پرورش ٿيڻي ھئي.

15. پوءِ نانگ انھيءَ عورت جي پٺيان پنھنجي وات مان درياءَ وانگر پاڻي وھايو تہ جيئن کيس وھڪري ۾ وھائي ڇڏي.

16. پر زمين انھيءَ عورت جي مدد ڪئي ۽ پنھنجو وات کولي انھيءَ درياءَ جي پاڻيءَ کي پي ويئي، جيڪو ازدھا پنھنجي وات مان وھايو ھو.

17. ازدھا کي عورت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنھنڪري ھو عورت جي باقي اولاد سان جنگ ڪرڻ لاءِ ھليو ويو، يعني انھن سان جيڪي خدا جي حڪمن تي ٿي ھليا ۽ عيسيٰ جي شاھدي ٿي ڏنائون.

18. پوءِ اھو ازدھا سمنڊ جي واريءَ تي وڃي ويٺو.

مڪمل باب پڙهڻ مڪاشفو 12