نئين عهد نامي

مڪاشفو 1:7-9 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. ڏسو، ھو ڪڪرن تي ٿو اچي،ھر ھڪ اک ھن کي ڏسندي.اھي بہ کيس ڏسندا جن ھن کي چيڀاٽي ماريو،۽ دنيا جون سڀ قومونساڻس پنھنجي ڪئي تي ماتم ڪنديون، بيشڪ. آمين.

8. خداوند خدا، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي، اھو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اول ۽ آخر آھيان.“

9. آءٌ يوحنا اوھان جو ڀاءُ ۽ عيسيٰ جي مصيبت، بادشاھت ۽ صبر ۾ اوھان سان شريڪ آھيان. آءٌ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ڪري انھيءَ ٻيٽ ۾ قيد ھوس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.

مڪمل باب پڙهڻ مڪاشفو 1