نئين عهد نامي

مرقس 8:24-34 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

24. انڌي ماڻھوءَ مٿي نھاري چيو تہ ”مون کي ماڻھو گھمندي نظر اچن ٿا. پر اھي وڻن وانگر لڳن ٿا.“

25. تنھن تي عيسيٰ وري پنھنجا ھٿ ھن جي اکين تي رکيا تہ ھو غور سان ڏسڻ لڳو ۽ سندس نظر بحال ٿي ويئي. ھو ڏورانھيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو.

26. پوءِ عيسيٰ کيس حڪم ڏنو تہ ”سڌو گھر وڃ ۽ ڳوٺ ۾ ڪنھن سان بہ اھا ڳالھہ نہ ڪجانءِ.“

27. پوءِ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد قيصريہ فلپي شھر جي ويجھن ڳوٺن ڏانھن ويا. رستي تي ھن کانئن پڇيو تہ ”ماڻھو منھنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آھيان؟“

28. انھن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ اوھين الياس نبي آھيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ اوھين نبين مان ڪوبہ ھڪ آھيو.“

29. عيسيٰ پڇين تہ ”اوھين منھنجي لاءِ ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ تنھن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”اوھين مسيح آھيو.“

30. پوءِ عيسيٰ کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”اھو ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو.“

31. عيسيٰ شاگردن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”ابن⁠آدم لاءِ ضروري آھي تہ ھو گھڻيون سختيون سھي. بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم کيس رد ڪندا ۽ ماريندا. پوءِ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

32. عيسيٰ ھي ڳالھيون کولي کولي چيون. تنھن تي پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ چيائينس تہ ”اھڙيون ڳالھيون نہ ڪريو.“

33. عيسيٰ ڦري شاگردن ڏانھن منھن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃ، ڇالاءِ⁠جو تون خدا وانگر نہ پر ماڻھن وانگر سوچين ٿو.“

34. پوءِ عيسيٰ ميڙ کي شاگردن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان ھلڻ گھُري ٿو، تہ اھو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 8