بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16

نئين عهد نامي

مرقس 8 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

چار ھزار ماڻھن کي کارائڻ

1. انھن ڏينھن ۾ وري ماڻھن جو ٻيو وڏو ميڙ اچي گڏ ٿيو. انھن جي کائڻ لاءِ ڪجھہ بہ ڪونہ ھو. تنھن تي عيسيٰ شاگردن کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيائين تہ

2. ”مون کي ھنن ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي ٽن ڏينھن کان وٺي مون سان گڏ آھن ۽ ھاڻي کين ڪجھہ بہ ڪونھي جو کڻي کائين.

3. ھاڻي جيڪڏھن آءٌ انھن کي پنھنجن گھرن ڏانھن بکئي پيٽ ٿو موڪليان تہ اھي رستي تي ساڻا ٿي پوندا، ڇالاءِ⁠جو انھن مان ڪيترا ئي پري کان آيل آھن.“

4. شاگردن وراڻيس تہ ”ھتي سڃ ۾ ايتري ماني ڪٿان اچي جو ھنن ماڻھن جو پيٽ ڀرجي؟“

5. عيسيٰ شاگردن کان پڇيو تہ ”اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن وراڻيو تہ ”ست.“

6. ھن ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويھو.“ پوءِ ھن ستن مانين کي کڻي خدا کان انھن ۾ برڪت گھُري ۽ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ انھن جي اڳيان رکندا وڃن ۽ انھن ائين ئي ڪيو.

7. اُنھن وٽ ٿوريون ڪُرڙيون بہ ھيون، تن تي بہ برڪت گھُري شاگردن کي ڏنائين ۽ چيائين تہ ”اھي بہ کڻي ماڻھن جي اڳيان رکو.“

8. اُنھن تہ کائي ڍءُ ڪيو پر ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو شاگردن ست کاريون ڀري کنيون.

9. اھي اٽڪل چار ھزار کن ماڻھو ھئا. پوءِ عيسيٰ انھن کي موڪل ڏني

10. ۽ پاڻ پنھنجن شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ چڙھي دلمنوٿا جي علائقي ۾ ويو.

فريسين جو معجزو طلبڻ

11. فريسي عيسيٰ وٽ آيا ۽ اچي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”آسمان مان ڪو معجزو ڏيکار.“

12. تنھن تي ھن ٿڌو ساھہ کڻي چيو تہ ”ھن زماني جا ماڻھو معجزو ڇو ٿا گھرن؟ آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ھن زماني جي ماڻھن کي ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.“

13. پوءِ ھو انھن کي ڇڏي موٽي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيو ۽ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر ھليو ويو.

فريسين ۽ ھيروديس بادشاھہ جو خميرو

14. شاگردن کي مانيون کڻڻ وسري ويون ۽ ٻيڙيءَ ۾ ھڪڙي مانيءَ کان سواءِ انھن وٽ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونہ ھو.

15. عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، خبردار ٿجو، متان فريسين ۽ ھيروديس جي خميري ۾ ڦاسجي پئو.“

16. تنھنڪري ھو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ھن اسان کي اھو انھيءَ ڪري چيو جو اسان وٽ ماني ڪونھي.“

17. عيسيٰ سندن ڳالھہ سمجھي ويو ۽ چيائين تہ ”ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ اسان وٽ ماني ڪونھي؟ ڇا اوھين اڃا تائين نہ ٿا ڄاڻو ۽ سمجھو؟ ڇا اوھان جا دماغ ايترا چٽ آھن؟

18. ڇا اوھين اکين ھوندي بہ ڏسي نہ ٿا سگھو؟ ڇا اوھين ڪنن ھوندي بہ ٻڌي نہ ٿا سگھو؟ ڇا اوھان کي ياد نہ آھي؟

19. جڏھن مون پنج مانيون پنج ھزار ماڻھن کي ڀڃي ڏنيون تہ ان وقت اوھان ڪيتريون کاريون اوبر جي بچيل ٽڪرن جون ڀري کنيون ھيون؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ٻارھن کاريون.“

20. عيسيٰ وري پڇين تہ ”جڏھن مون ست مانيون چار ھزار ماڻھن ۾ ورھائي پوريون ڪيون ھيون تہ اوھان ان وقت اوبر جي ٽڪرن جون ڪيتريون کاريون ڀري کنيون ھيون؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ست کاريون.“

21. عيسيٰ چين تہ ”پوءِ اڃا بہ اوھين نہ ٿا سمجھو.“

بيت⁠صيدا ۾ انڌي کي شفا ڏيڻ

22. پوءِ ھو بيت⁠صيدا ۾ آيا، جتي ڪي ماڻھو ھڪ انڌي کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا ۽ منٿون ڪيائونس تہ ”ھن کي ھٿ لايو.“

23. عيسيٰ انھيءَ انڌي ماڻھوءَ کي ھٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاھر وٺي ويو. اتي ھن انڌي ماڻھوءَ جي اکين تي لٻ لائي پنھنجا ھٿ سندس اکين تي رکيا ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون ڪا شيءِ ڏسي سگھين ٿو؟“

24. انڌي ماڻھوءَ مٿي نھاري چيو تہ ”مون کي ماڻھو گھمندي نظر اچن ٿا. پر اھي وڻن وانگر لڳن ٿا.“

25. تنھن تي عيسيٰ وري پنھنجا ھٿ ھن جي اکين تي رکيا تہ ھو غور سان ڏسڻ لڳو ۽ سندس نظر بحال ٿي ويئي. ھو ڏورانھيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو.

26. پوءِ عيسيٰ کيس حڪم ڏنو تہ ”سڌو گھر وڃ ۽ ڳوٺ ۾ ڪنھن سان بہ اھا ڳالھہ نہ ڪجانءِ.“

پطرس جو عيسيٰ بابت اظھار

27. پوءِ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد قيصريہ فلپي شھر جي ويجھن ڳوٺن ڏانھن ويا. رستي تي ھن کانئن پڇيو تہ ”ماڻھو منھنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آھيان؟“

28. انھن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ اوھين الياس نبي آھيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ اوھين نبين مان ڪوبہ ھڪ آھيو.“

29. عيسيٰ پڇين تہ ”اوھين منھنجي لاءِ ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ تنھن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”اوھين مسيح آھيو.“

30. پوءِ عيسيٰ کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”اھو ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو.“

عيسيٰ جو پنھنجي ڏک ۽ موت بابت ٻڌائڻ

31. عيسيٰ شاگردن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”ابن⁠آدم لاءِ ضروري آھي تہ ھو گھڻيون سختيون سھي. بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم کيس رد ڪندا ۽ ماريندا. پوءِ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

32. عيسيٰ ھي ڳالھيون کولي کولي چيون. تنھن تي پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ چيائينس تہ ”اھڙيون ڳالھيون نہ ڪريو.“

33. عيسيٰ ڦري شاگردن ڏانھن منھن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃ، ڇالاءِ⁠جو تون خدا وانگر نہ پر ماڻھن وانگر سوچين ٿو.“

34. پوءِ عيسيٰ ميڙ کي شاگردن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان ھلڻ گھُري ٿو، تہ اھو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي.

35. ڇالاءِ⁠جو جيڪو گھُري تہ پنھنجي جان بچائي سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو منھنجي واسطي ۽ منھنجي خوشخبريءَ جي واسطي پنھنجي جان وڃائيندو سو اھا بچائيندو.

36. ڀلا ماڻھوءَ کي انھيءَ مان ڪھڙو فائدو جو ھو سڄي دنيا تہ ھٿ ڪري پر پنھنجي جان وڃائي ڇڏي؟

37. ماڻھو ڪجھہ بہ ڏيئي پنھنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.

38. جيڪڏھن ڪو ھن بي⁠ايمان ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منھنجي ڪلام کان شرمائيندو تہ ابن⁠آدم بہ ان کان شرمائيندو، جڏھن ھو پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ پاڪ ملائڪن سان گڏ ايندو.“