بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16

نئين عهد نامي

مرقس 5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

ڀوت ورتل ماڻھوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ

1. ھو ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ اچي پھتا.

2. اڃا عيسيٰ ٻيڙيءَ تان لٿو ئي مس تہ ھڪڙو ڀوت ورتل ماڻھو غارن واري قبرستان مان نڪري اچي ساڻس مليو.

3. ھو قبرن ۾ رھندو ھو ۽ ھاڻي کيس زنجيرن سان بہ ڪو ٻڌي نہ ٿي سگھيو.

4. ڇالاءِ⁠جو ھن کي ڪيترا ئي دفعا لوھہ جي ڪڙين ۽ زنجيرن ۾ ٻڌو ويو ھو، پر ھن انھن زنجيرن کي ٽوڙي ۽ ڪڙين کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ھو ۽ ڪوبہ مٿس قابو پئجي نہ ٿي سگھيو.

5. ھو رات ڏينھن قبرن ۽ ٽڪرن ۾ رڙندو وتندو ھو ۽ پاڻ کي رتوڇاڻ ڪندو ھو.

6. ھن عيسيٰ کي پري کان ڏسي ورتو، سو ڀڄي اچي سندس پيرن تي ڪري پيو،

7. ۽ وڏي واڪي رڙ ڪري چيائين تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! تنھنجو مون سان ڪھڙو واسطو آھي؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“

8. ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ کيس چئي رھيو ھو تہ ”اي ڀوت! ھن ماڻھوءَ مان ٻاھر نڪري اچ.“

9. عيسيٰ پڇيس تہ ”تنھنجو نالو ڇا آھي؟“ ماڻھوءَ جواب ڏنو تہ ”منھنجو نالو لشڪر آھي، ڇالاءِ⁠جو اسين گھڻا آھيون،“

10. پوءِ ھن ليلائيندي چيس تہ ”اسان کي ھن علائقي مان تڙي نہ ڪڍ.“

11. اتي ٽڪر جي پاسي ۾ ھڪ وڏو سوئرن جو ڌڻ چري رھيو ھو.

12. عيسيٰ کي ڀوتن منٿ ڪئي تہ ”مھرباني ڪري اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن ۾ گھڙي وڃون.“

13. عيسيٰ انھن کي موڪل ڏني ۽ ڀوت ماڻھوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا. تڏھن ٻہ ھزار سوئرن جو اھو سڄو ڌڻ ٽڪر جي چوٽيءَ تان ھيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.

14. جيڪي ماڻھو سوئرن جو ڌڻ چاري رھيا ھئا، سي ڀڄي ويا ۽ وڃي شھر ۽ ٻھراڙيءَ ۾ اھا خبر ٻڌايائون. ماڻھو ھن واقعي کي ڏسڻ لاءِ نڪري آيا.

15. ھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنھن ماڻھوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر ھو سو اتي ويٺو آھي ۽ ڪپڙا پيل اٿس ۽ پوري ھوش ۾ آھي. تڏھن سڀيئي ڊڄي ويا.

16. جن اھو رنگ اکين سان ڏٺو ھو تن کين ڀوتن ۽ سوئرن بابت سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌائي.

17. تنھن تي انھن عيسيٰ کي منٿ ڪري چيو تہ ”مھرباني ڪري اسان جي علائقي مان ھليا وڃو.“

18. جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھيو پئي تہ جنھن ماڻھوءَ ۾ اڳ ڀوت ھئا تنھن اچي منٿ ڪيس تہ ”مون کي بہ پاڻ سان وٺي ھلو.“

19. پر عيسيٰ کيس اجازت نہ ڏني ۽ اٽلندو چيائينس تہ ”گھر مائٽن ڏانھن موٽي وڃ ۽ وڃي انھن کي ٻڌاءِ تہ خداوند تو لاءِ ڇا ڪيو ۽ ڪيتري قدر ھو تو تي مھربان رھيو.“

20. تنھن تي اھو ماڻھو ھليو ويو ۽ وڃي دڪاپلس جي شھرن ۾ خبرون ڪيائين تہ عيسيٰ ھن لاءِ ڇا ڪيو آھي. سو جن بہ اھو ٻڌو تہ حيران ٿي ويا.

يائرس جي ڌيءَ کي جيئرو ڪرڻ ۽ ھڪ عورت کي شفا ڏيڻ

21. عيسيٰ جڏھن ٻيڙيءَ ۾ چڙھي وري ٻيءَ ڀر موٽيو تہ ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي ماڻھن جو وڏو ميڙ ڦري آيس.

22. يھودين جي مقامي عبادت⁠خاني جو يائرس نالي ھڪڙو اڳواڻ عيسيٰ کي ڏسي سندس پيرن تي ڪري پيو.

23. کيس ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪري چوڻ لڳو تہ ”منھنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آھي، مھرباني ڪري ھلي ھٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“

24. تنھن تي عيسيٰ ان سان گڏجي ھليو تہ ھڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان ھلڻ لڳو ۽ ماڻھو عيسيٰ تي ڳاھٽ پئي ٿيا.

25. اتي ھڪڙي عورت ھئي، جنھن کي ٻارھن ورھين کان رت پيو ايندو ھو.

26. ھن ڪيترن ئي طبيبن کي پاڻ ڏيکاريو ھو ۽ جيڪابہ پنھنجي ميڙي چونڊي ھيس سا سڀ خرچ ڪري ڇڏي ھئائين ۽ کيس ذري جو بہ فائدو ڪونہ پيو ھو، پر اٽلندو وڌيڪ عليل ٿيندي پئي ويئي.

27. جڏھن انھيءَ عورت عيسيٰ بابت ڳالھيون ٻڌيون تہ ميڙ سان گڏجي سندس پٺيان آئي ۽ عيسيٰ جي ڪپڙن کي ھٿ لاتائين،

28. ڇالاءِ⁠جو ھوءَ دل ۾ چوي پيئي تہ ”جيڪڏھن مون رڳو سندس ڪپڙن کي بہ ھٿ لاتو تہ آءٌ چاق ٿي وينديس.“

29. پوءِ جلد ئي سندس رت وھڻ بند ٿي ويو ۽ ھوءَ پاڻ کي تندرست سمجھڻ لڳي.

30. ايتري ۾ عيسيٰ محسوس ڪيو تہ ”مون مان قدرت نڪتي آھي.“ سو ميڙ ڏانھن ڦري چيائين تہ ”منھنجي دامن کي ڪنھن ھٿ لاتو آھي؟“

31. تنھن تي سندس شاگردن وراڻيس تہ ”سائين! ماڻھو اوھان تي پيا ڳاھٽ ٿين ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ڪنھن مون کي ھٿ لاتو آھي.‘“

32. پر ھو جاچيندو رھيو تہ اھو ڪم ڪنھن ڪيو.

33. ھاڻي ان عورت کي خبر پئي تہ ساڻس ڇا ٿيو آھي، سا ڊڄندي ۽ ڏڪندي اچي عيسيٰ جي پيرين پيئي ۽ سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌايائينس.

34. تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي، سو خوش ٿيءُ جو ھاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“

35. عيسيٰ اڃا ڳالھائي رھيو ھو تہ اوڏيءَ مھل يائرس جي گھران ماڻھو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”تنھنجي ڌيءَ مري ويئي، ھاڻي استاد کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏي.“

36. عيسيٰ انھيءَ ڳالھہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو، بلڪ يھودين جي عبادت⁠خاني جي انھيءَ اڳواڻ کي چيائين تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساھہ رک.“

37. عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ ھلڻ جي اجازت نہ ڏني.

38. اھي عبادت⁠گاھہ جي اڳواڻ جي گھر آيا ۽ عيسيٰ ڏٺو تہ گھر ۾ ماتم لڳو پيو آھي، ماڻھو ڏاڍيان روئن ۽ پٽين ٿا پيا.

39. جڏھن عيسيٰ اندر گھڙيو تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اوھين ھُل ڇو ٿا ڪريو ۽ ڇو ٿا روئو؟ ڇوڪري مئي تہ ڪانھي پر ستي پيئي آھي.“

40. تنھن تي اھي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تنھنڪري ھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو. رڳو پنھنجن ساٿين ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ⁠پيءُ کي ساڻ ڪري اندر ويو جتي اھا ڇوڪري پيئي ھئي.

41. ھن ڇوڪريءَ جي ھٿ کان وٺي چيو تہ”تليٿا قُومي،“ جنھن جي معنيٰ آھي تہ ”اي ننڍڙي نينگري! اُٿ.“

42. تنھن تي ڇوڪري ھڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ جيئن تہ ھوءَ ٻارھن ورھين جي ھئي سو گھمڻ ڦرڻ لڳي. ھو ڏاڍا حيران ٿي ويا.

43. پوءِ عيسيٰ انھن کي سخت تاڪيد ڪيو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجو.“ کين چيائين تہ ”ڇوڪريءَ کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“