نئين عهد نامي

مرقس 5:41-43 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

41. ھن ڇوڪريءَ جي ھٿ کان وٺي چيو تہ”تليٿا قُومي،“ جنھن جي معنيٰ آھي تہ ”اي ننڍڙي نينگري! اُٿ.“

42. تنھن تي ڇوڪري ھڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ جيئن تہ ھوءَ ٻارھن ورھين جي ھئي سو گھمڻ ڦرڻ لڳي. ھو ڏاڍا حيران ٿي ويا.

43. پوءِ عيسيٰ انھن کي سخت تاڪيد ڪيو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجو.“ کين چيائين تہ ”ڇوڪريءَ کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 5