نئين عهد نامي

مرقس 5:29-42 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

29. پوءِ جلد ئي سندس رت وھڻ بند ٿي ويو ۽ ھوءَ پاڻ کي تندرست سمجھڻ لڳي.

30. ايتري ۾ عيسيٰ محسوس ڪيو تہ ”مون مان قدرت نڪتي آھي.“ سو ميڙ ڏانھن ڦري چيائين تہ ”منھنجي دامن کي ڪنھن ھٿ لاتو آھي؟“

31. تنھن تي سندس شاگردن وراڻيس تہ ”سائين! ماڻھو اوھان تي پيا ڳاھٽ ٿين ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ڪنھن مون کي ھٿ لاتو آھي.‘“

32. پر ھو جاچيندو رھيو تہ اھو ڪم ڪنھن ڪيو.

33. ھاڻي ان عورت کي خبر پئي تہ ساڻس ڇا ٿيو آھي، سا ڊڄندي ۽ ڏڪندي اچي عيسيٰ جي پيرين پيئي ۽ سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌايائينس.

34. تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي، سو خوش ٿيءُ جو ھاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“

35. عيسيٰ اڃا ڳالھائي رھيو ھو تہ اوڏيءَ مھل يائرس جي گھران ماڻھو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”تنھنجي ڌيءَ مري ويئي، ھاڻي استاد کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏي.“

36. عيسيٰ انھيءَ ڳالھہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو، بلڪ يھودين جي عبادت⁠خاني جي انھيءَ اڳواڻ کي چيائين تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساھہ رک.“

37. عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ ھلڻ جي اجازت نہ ڏني.

38. اھي عبادت⁠گاھہ جي اڳواڻ جي گھر آيا ۽ عيسيٰ ڏٺو تہ گھر ۾ ماتم لڳو پيو آھي، ماڻھو ڏاڍيان روئن ۽ پٽين ٿا پيا.

39. جڏھن عيسيٰ اندر گھڙيو تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اوھين ھُل ڇو ٿا ڪريو ۽ ڇو ٿا روئو؟ ڇوڪري مئي تہ ڪانھي پر ستي پيئي آھي.“

40. تنھن تي اھي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تنھنڪري ھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو. رڳو پنھنجن ساٿين ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ⁠پيءُ کي ساڻ ڪري اندر ويو جتي اھا ڇوڪري پيئي ھئي.

41. ھن ڇوڪريءَ جي ھٿ کان وٺي چيو تہ”تليٿا قُومي،“ جنھن جي معنيٰ آھي تہ ”اي ننڍڙي نينگري! اُٿ.“

42. تنھن تي ڇوڪري ھڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ جيئن تہ ھوءَ ٻارھن ورھين جي ھئي سو گھمڻ ڦرڻ لڳي. ھو ڏاڍا حيران ٿي ويا.

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 5