نئين عهد نامي

مرقس 5:14-23 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

14. جيڪي ماڻھو سوئرن جو ڌڻ چاري رھيا ھئا، سي ڀڄي ويا ۽ وڃي شھر ۽ ٻھراڙيءَ ۾ اھا خبر ٻڌايائون. ماڻھو ھن واقعي کي ڏسڻ لاءِ نڪري آيا.

15. ھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنھن ماڻھوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر ھو سو اتي ويٺو آھي ۽ ڪپڙا پيل اٿس ۽ پوري ھوش ۾ آھي. تڏھن سڀيئي ڊڄي ويا.

16. جن اھو رنگ اکين سان ڏٺو ھو تن کين ڀوتن ۽ سوئرن بابت سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌائي.

17. تنھن تي انھن عيسيٰ کي منٿ ڪري چيو تہ ”مھرباني ڪري اسان جي علائقي مان ھليا وڃو.“

18. جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھيو پئي تہ جنھن ماڻھوءَ ۾ اڳ ڀوت ھئا تنھن اچي منٿ ڪيس تہ ”مون کي بہ پاڻ سان وٺي ھلو.“

19. پر عيسيٰ کيس اجازت نہ ڏني ۽ اٽلندو چيائينس تہ ”گھر مائٽن ڏانھن موٽي وڃ ۽ وڃي انھن کي ٻڌاءِ تہ خداوند تو لاءِ ڇا ڪيو ۽ ڪيتري قدر ھو تو تي مھربان رھيو.“

20. تنھن تي اھو ماڻھو ھليو ويو ۽ وڃي دڪاپلس جي شھرن ۾ خبرون ڪيائين تہ عيسيٰ ھن لاءِ ڇا ڪيو آھي. سو جن بہ اھو ٻڌو تہ حيران ٿي ويا.

21. عيسيٰ جڏھن ٻيڙيءَ ۾ چڙھي وري ٻيءَ ڀر موٽيو تہ ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي ماڻھن جو وڏو ميڙ ڦري آيس.

22. يھودين جي مقامي عبادت⁠خاني جو يائرس نالي ھڪڙو اڳواڻ عيسيٰ کي ڏسي سندس پيرن تي ڪري پيو.

23. کيس ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪري چوڻ لڳو تہ ”منھنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آھي، مھرباني ڪري ھلي ھٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“

مڪمل باب پڙهڻ مرقس 5