نئين عهد نامي

متي 23:22-28 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

22. جيڪڏھن ڪوبہ آسمان جو قسم ٿو کڻي تہ ھو خدا جي تخت جو قسم تہ کڻي ٿو پر اُن جو بہ جيڪو اُن تي ويٺل آھي.

23. مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين خدا جي راھہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏھون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي شريعت جون انھيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالھيون آھن يعني انصاف، رحم ۽ ايمانداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي ھو جو ھي بہ ڪريو ھا ۽ انھن کي بہ نہ ڇڏيو ھا.

24. اي انڌا اڳواڻو! اوھين پاڻيءَ ۾ پيل مک تہ ڪڍو ٿا پر اُٺ کي ڳڙڪائي ٿا وڃو.

25. مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين پنھنجي وٽيءَ ۽ ٿالھيءَ جو ٻاھريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو پر ان جو اندر ھٻڇ ۽ خودغرضيءَ سان ڀريل آھي.

26. اي انڌا فريسيو! وٽيءَ جو پھريائين اندريون پاسو ڌوئي صاف ڪريو تہ پوءِ انھيءَ جو ٻاھريون پاسو بہ صاف ٿي ويندو.

27. مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين اڇين قبرن وانگر آھيو جيڪي ٻاھران تہ سھڻيون نظر ٿيون اچن، پر انھن جو اندر مُڙدن جي ھڏن ۽ ھر طرح جي گندگيءَ سان ڀريل آھي.

28. بلڪل ساڳيءَ طرح اوھين بہ ماڻھن کي ٻاھران تہ نيڪ نظر ٿا اچو، پر اوھان جو اندر رياڪاريءَ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل آھي.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 23