نئين عهد نامي

متي 23:18-30 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. اوھين ائين بہ چئو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪو قربان⁠گاھہ جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند نہ آھي، پر جيڪڏھن ڪو قربان⁠گاھہ تي ڏنل نذر جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند آھي.‘

19. اوھين ڪيترا نہ انڌا آھيو. ڪھڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، نذر يا قربان⁠گاھہ، جيڪو نذر کي پاڪ ٿو ڪري؟

20. تنھنڪري جيڪڏھن ڪوبہ ماڻھو قربان⁠گاھہ جو قسم کڻي ٿو تہ ھو نہ رڳو ان جو قسم ٿو کڻي پر انھن سڀني شين جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪي اُن تي پيل آھن.

21. جيڪڏھن ڪوبہ ھيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ ھو نہ رڳو ان جو پر خدا جو بہ قسم ٿو کڻي جيڪو اُن ۾ رھي ٿو.

22. جيڪڏھن ڪوبہ آسمان جو قسم ٿو کڻي تہ ھو خدا جي تخت جو قسم تہ کڻي ٿو پر اُن جو بہ جيڪو اُن تي ويٺل آھي.

23. مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين خدا جي راھہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏھون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي شريعت جون انھيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالھيون آھن يعني انصاف، رحم ۽ ايمانداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي ھو جو ھي بہ ڪريو ھا ۽ انھن کي بہ نہ ڇڏيو ھا.

24. اي انڌا اڳواڻو! اوھين پاڻيءَ ۾ پيل مک تہ ڪڍو ٿا پر اُٺ کي ڳڙڪائي ٿا وڃو.

25. مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين پنھنجي وٽيءَ ۽ ٿالھيءَ جو ٻاھريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو پر ان جو اندر ھٻڇ ۽ خودغرضيءَ سان ڀريل آھي.

26. اي انڌا فريسيو! وٽيءَ جو پھريائين اندريون پاسو ڌوئي صاف ڪريو تہ پوءِ انھيءَ جو ٻاھريون پاسو بہ صاف ٿي ويندو.

27. مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين اڇين قبرن وانگر آھيو جيڪي ٻاھران تہ سھڻيون نظر ٿيون اچن، پر انھن جو اندر مُڙدن جي ھڏن ۽ ھر طرح جي گندگيءَ سان ڀريل آھي.

28. بلڪل ساڳيءَ طرح اوھين بہ ماڻھن کي ٻاھران تہ نيڪ نظر ٿا اچو، پر اوھان جو اندر رياڪاريءَ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل آھي.“

29. ”مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين نبين جا قبا ٿا ٺاھيو ۽ نيڪن جون تربتون ٿا سينگاريو،

30. ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’جيڪڏھن اسين ابن ڏاڏن جي ڏينھن ۾ ھجون ھا تہ جيڪر نبين کي قتل ڪرڻ ۾ انھن سان شريڪ نہ ٿيون ھا.‘

مڪمل باب پڙهڻ متي 23