نئين عهد نامي

متي 23:1-4 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. پوءِ عيسيٰ ميڙ ۽ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ

2. ”شريعت جي عالمن ۽ فريسين کي موسيٰ جي شريعت جو اختيار مليل آھي.

3. تنھنڪري اوھان کي انھن جو ھر ھڪ چيو مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. پر انھن جي ڪمن تي عمل نہ ڪجو، ڇالاءِ⁠جو جيئن اھي چون ٿا تيئن ڪونہ ٿا ڪن.

4. ھو ڳرا بار ٻڌي ماڻھن جي ڪلھن تي تہ رکن ٿا پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لائين.

مڪمل باب پڙهڻ متي 23