نئين عهد نامي

متي 22:7-19 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. تنھن تي بادشاھہ اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنھنجا سپاھي موڪليائين تہ انھن قاتلن کي مارين ۽ سندن شھر ساڙي ڇڏين.

8. پوءِ ھن پنھنجن نوڪرن کي سڏي چيو تہ ’شاديءَ جي ماني تيار آھي پر جن کي دعوت ڏني ويئي ھئي سي ان جا لائق نہ ھئا.

9. تنھن ڪري ھاڻي اوھين وڏن رستن جي چونڪن تي وڃو ۽ جيترا بہ ماڻھو ڏسو تن سڀني کي شاديءَ جي دعوت ڏيو.‘

10. تنھن تي اھي نوڪر رستن تي ويا ۽ جيڪي ⁠بہ چڱا مَٺا ماڻھو منھن پين تن سڀني کي آڻي گڏ ڪيائون. شاديءَ جي دعوت واري جاءِ ماڻھن سان ڀرجي ويئي.

11. جڏھن بادشاھہ شاديءَ جي مھمانن کي ڏسڻ لاءِ اندر آيو تہ اُتي ھُن ھڪڙو اھڙو ماڻھو ڏٺو جنھن کي شاديءَ جا ڪپڙا پيل ڪين ھئا.

12. تنھن تي انھيءَ کان پڇيائين تہ ’ميان، تون شاديءَ جي ڪپڙن کان سواءِ ھتي ڪيئن آيو آھين؟‘ پر ھن ڪڇيو ئي ڪين.

13. تڏھن بادشاھہ نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’ھن جا ھٿ پير ٻڌي ٻاھر اونداھيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيوس، جتي ھو رڙيون ڪري ۽ ڏند ڪرٽي.‘“

14. مسيح آخر ۾ چيو تہ ”ڇالاءِ⁠جو دعوتي تہ گھڻا ھوندا آھن پر چونڊيل ٿورا ھوندا آھن.“

15. فريسين وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ”ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي ڳالھائڻ ۾ ڦاسايون.“

16. پوءِ انھن پنھنجا شاگرد ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جا ڪي ماڻھو عيسيٰ ڏانھن موڪليا، جن اچي چيو تہ ”استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوھين ڪنھن جي بہ پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيک⁠ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.

17. پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوھين ڇا ٿا سمجھو؟ قيصر کي محصول ڏيڻ اسان لاءِ جائز آھي يا نہ؟“

18. عيسيٰ انھن جي بڇڙي نيت کي ڄاڻي ورتو، تنھنڪري چيائين تہ ”اي رياڪارو! اوھين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟

19. مون کي ھڪڙو سڪو ڏيکاريو جنھن سان محصول ڏيندا آھيو.“ اھي وٽس ھڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي آيا.

مڪمل باب پڙهڻ متي 22