نئين عهد نامي

متي 22:25-40 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

25. اسان ۾ ھڪڙا ست ڀائر ھئا. پھرين ڀاءُ شادي ڪئي پر ري⁠اولاد مري ويو، تنھنڪري ھن جي زال ٻيو ڀاءُ پرڻيو.

26. اھڙيءَ طرح اھا عورت ٻئي سان، ٽئين سان ۽ آخرڪار ستن ئي ڀائرن سان پرڻي.

27. انھن سڀني کان پوءِ اھا عورت بہ مري ويئي.

28. ھاڻي ٻڌايو تہ قيامت جي ڏينھن اھا عورت انھن ستن مان ڪنھن جي زال ٿيندي؟ ڇوتہ سڀ ئي ھن سان پرڻيا ھئا.“

29. عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”اوھين ڪيترا نہ ڀليل آھيو جو نہ اوھين پاڪ لکتون ٿا ڄاڻو ۽ نڪي خدا جي قدرت.

30. ڇالاءِ⁠جو جڏھن مري ويل جيئرا ٿيندا تہ نہ اھي پرڻبا ۽ نڪي پرڻائبا، پر جيئن بھشت ۾ ملائڪ آھن تيئن اھي ھوندا.

31. مري ويلن جي جيئري ٿيڻ بابت جيڪو خدا اوھان کي فرمايو آھي، سو اوھان ڪين پڙھيو آھي ڇا؟

32. ھو چوي ٿو تہ ’آءٌ ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آھيان.‘ ان جو مطلب آھي تہ ھو مئلن جو خدا نہ پر جيئرن جو خدا آھي.“

33. جڏھن ماڻھن ھي ٻڌو تہ اھي ھن جي تعليم تي عجب ۾ پئجي ويا.

34. جڏھن فريسين ھي ٻڌو تہ عيسيٰ صدوقين کي لاجواب ڪري ڇڏيو آھي تڏھن اھي اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيا.

35. انھن مان ھڪڙي شريعت جي عالم عيسيٰ کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندي

36. کانئس پڇيو تہ ”استاد! شريعت ۾ وڏو حڪم ڪھڙو آھي؟“

37. تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”’تون خداوند پنھنجي خدا کي پنھنجي ساريءَ دل، پنھنجي سڄي جان ۽ پنھنجي سڄيءَ سمجھہ سان پيار ڪر.‘

38. اھو ئي سڀني کان وڏو ۽ پھريون حڪم آھي.

39. ٻيو حڪم بہ انھيءَ جھڙو آھي تہ ’تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.‘

40. سڄو توريت ۽ نبين جا صحيفا بہ ھنن ٻن حڪمن تي مدار رکن ٿا.“

مڪمل باب پڙهڻ متي 22