10. حزقياہ مان منسي پيدا ٿيو، منسي مان آمون پيدا ٿيو ۽ آمون مان يوشياہ پيدا ٿيو.
11. جن ڏينھن ۾ بني اسرائيل جا ماڻھو گرفتار ٿي بابل ڏانھن ويا ھئا، تن ڏينھن ۾ يوشياہ مان يڪنياہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.
12. انھن ماڻھن جي بابل ڏانھن گرفتار ٿي وڃڻ کان پوءِ يڪنياہ مان شئلتيايل پيدا ٿيو ۽ شئلتيايل مان زربابل پيدا ٿيو.
13. زربابل مان ابيئود پيدا ٿيو، ابيئود مان الياقيم پيدا ٿيو ۽ الياقيم مان عازور پيدا ٿيو.
14. عازور مان صدوق پيدا ٿيو، صدوق مان اخيم پيدا ٿيو ۽ اخيم مان اليئود پيدا ٿيو.
15. اليئود مان اليعزر پيدا ٿيو، اليعزر مان متان پيدا ٿيو ۽ متان مان يعقوب پيدا ٿيو.
16. يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو جيڪو مريم جو مڙس ھو ۽ انھيءَ مريم جي پيٽان عيسيٰ پيدا ٿيو جيڪو مسيح سڏيو وڃي ٿو.