نئين عهد نامي

لوقا 19:46-48 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

46. ۽ چيائين تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’منھنجو گھر عبادت جو گھر ٿيندو،‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻايو آھي.“

47. عيسيٰ ھر روز ھيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيندو ھو. سردار ڪاھنن، شريعت جي عالمن ۽ بني اسرائيل جي بزرگن وجھہ پئي ڳوليو تہ ”ڪھڙيءَ طرح ھن کي ماري کپائي ڇڏيون.“

48. پر وس ڪونہ ٿي پُڳن، ڇاڪاڻ⁠تہ ماڻھو ھن جون ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ آتا ھئا.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 19