نئين عهد نامي

لوقا 19:21-36 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

21. ڇاڪاڻ⁠تہ مون کي اوھان کان ڊپ ٿيو جو اوھين سخت ماڻھو آھيو. جيڪي توھان جمع نہ ڪيو آھي سو کڻو ٿا ۽ جيڪي اوھان نہ پوکيو آھي سو لڻو ٿا.‘

22. ھن چيس تہ ’اي بڇڙا نوڪر! تنھنجي ئي واتان آءٌ تو کي ڏوھي بڻائيندس. جڏھن تو کي خبر بہ ھئي تہ آءٌ سخت ماڻھو آھيان ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان ۽ جيڪي پوکيو ئي نہ اٿم سو پيو لڻان،

23. تہ پوءِ تو منھنجا پيسا ڇو ڪين سيڙايا، تہ جڏھن آءٌ موٽي اچان ھا تہ تو کان منافعي سميت اچي وٺان ھا؟‘

24. پوءِ جيڪي اتي بيٺا ھئا تن کي چيائين تہ ’ھن کان اھو ھڪڙو سونو سڪو بہ کسي ڏھن سونن سڪن واري نوڪر کي ڏيو.‘

25. تڏھن ھنن چيس تہ ’سائين! ھن وٽ اڳي ئي ڏھہ سونا سڪا آھن.‘

26. انھن کي چيائين تہ ’آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جنھن ڪجھہ ڪمايو آھي، تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو. پر جنھن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي.

27. ٻيو تہ منھنجا اھي دشمن جن جي مرضي نہ ھئي تہ آءٌ مٿن بادشاھي ڪريان، تن کي ھتي وٺي اچو تہ کين منھنجي اڳيان قتل ڪيو وڃي.‘“

28. جڏھن عيسيٰ ھي چئي چڪو، تڏھن ھو اڳتي وڌندو يروشلم ڏانھن وڃڻ لڳو.

29. جڏھن ھو زيتون واري ٽڪر وٽ بيت⁠فگاہ ۽ بيت⁠عنياہ ڳوٺن جي ويجھو آيو تہ ھن ٻن شاگردن کي ھي ھدايتون ڏيئي اڳواٽ موڪليو تہ

30. ”اڳئين ڳوٺ ۾ وڃو ۽ جيئن اوھين ان ۾ گھڙندا تہ ھڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنھن تي اڃا تائين ڪنھن بہ ماڻھوءَ سواري نہ ڪئي آھي. ان کي ڇوڙي ھتي ڪاھي اچو.

31. جيڪڏھن ڪو اوھان کان کڻي پڇي تہ ’ان کي ڇو ٿا ڇوڙيو،‘ تہ اوھين چئجوس تہ ’سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي.‘“

32. سو اھي پنھنجو رستو وٺي ويا ۽ جيئن عيسيٰ چيو ھون تيئن ئي ڏٺائون.

33. جيئن ئي کودڙو ڇوڙين پيا تہ ان جي مالڪ کين چيو تہ ”اوھين ھن کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“

34. ھنن ورندي ڏني تہ ”سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي.“

35. پوءِ کودڙي کي عيسيٰ وٽ ڪاھي آيا ۽ ان جي مٿان پنھنجا ڪپڙا وجھي عيسيٰ کي ان تي سوار ڪيائون.

36. جڏھن ھو ھلڻ لڳو، تڏھن ھنن پنھنجا ڪپڙا کڻي رستي تي وڇايا.

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 19