نئين عهد نامي

لوقا 17:21-37 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

21. ڪوبہ ائين نہ چوندو تہ ’اِجھا، ھيڏانھن‘ يا ’ھوڏانھن آھي.‘ حقيقت ۾ خدا جي بادشاھت اوھان ۾ ئي آھي.“

22. ھن شاگردن کي چيو تہ ”ڪو وقت ايندو جو اوھين ابن⁠آدم جي ڏينھن مان ھڪڙي ڏينھن جي ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا، پر اوھين نہ ڏسندا.

23. ماڻھو اوھان کي چوندا تہ ’ڏسو، اِجھو ھيڏانھن، اجھو ھوڏانھن،‘ پر متان وڃو يا انھن جي پٺيان ڊوڙو.

24. ڇالاءِ⁠جو جيئن کنوڻ آسمان ۾ ھڪڙي طرف کنوندي آھي ۽ چمڪاٽ ٻئي طرف ڪندي آھي، تيئن ابن⁠آدم بہ پنھنجي ڏينھن ۾ ائين ظاھر ٿيندو.

25. پر پھريائين ھن کي ڪيتريون ئي سختيون سھڻيون پونديون ۽ ھن زماني جي ماڻھن کان رد ڪيو ويندو.

26. جيئن نوح جي زماني ۾ ٿيو تيئن ابن⁠آدم جي ڏينھن ۾ بہ ٿيندو.

27. تيستائين اھي کائيندا، پيئندا رھيا ۽ شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا رھيا، جيستائين اھو ڏينھن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو. پوءِ ٻوڏ آئي ۽ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين.

28. ساڳيءَ طرح لوط جي ڏينھن ۾ بہ ٿيو، اھي کائيندا پيئندا، وڻج واپار ڪندا، پوکيندا ۽ اڏيندا رھيا.

29. پر جنھن ڏينھن لوط سدوم شھر کان نڪري ٻاھر ٿيو ھو، تنھن ڏينھن آسمان مان باھہ ۽ گندرف جو مينھن اچي وٺو ھو ۽ انھن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو ھئائين.

30. سو بلڪل ائين ئي ٿيندو جنھن ڏينھن ابن⁠آدم ظاھر ٿيندو.

31. انھيءَ ڏينھن جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪوٺي تي آھي تہ ھن کي پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لھي گھر ۾ وڃڻ نہ کپي ۽ ساڳيءَ ريت جيڪڏھن ڪو ٻنيءَ ۾ آھي تہ گھر ڏانھن موٽڻ نہ گھرجيس.

32. لوط جي زال واري ڳالھہ ياد رکجو.

33. جيڪوبہ پنھنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو وڃائيندو سو ئي اھا بچائيندو.

34. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ انھيءَ رات ٻہ ماڻھو گڏ ھڪ بستري تي ستل ھوندا تہ ھڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.

35. ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيھنديون ھونديون، تہ ھڪڙي کنئين ويندي، ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو.

36. ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻھو ھوندا تہ ھڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.“

37. شاگردن پڇيس تہ ”اي خداوند! ڪٿي؟“ عيسيٰ وراڻين تہ ”جتي ڍونڍ ھوندو تہ ڳجھون بہ اتي ئي اچي مڙنديون.“

مڪمل باب پڙهڻ لوقا 17