نئين عهد نامي

فلپين 1:2-15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.

3. جڏھن بہ اوھين ياد اچو ٿا، تڏھن آءٌ پنھنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان.

4. ھر اھا دعا، جيڪا اوھان سڀني لاءِ ٿو گھران سا ھميشہ خوشيءَ سان گھرندو آھيان،

5. ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان پھرين ڏينھن کان وٺي اڄ تائين خوشخبري ڦھلائڻ ۾ منھنجو ساٿ ڏنو آھي.

6. مون کي انھيءَ ڳالھہ جو يقين آھي تہ خدا، جنھن اوھان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آھي، سو انھيءَ کي عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تائين پورو ڪندو.

7. تنھنڪري واجب آھي تہ آءٌ اوھان سڀني جي باري ۾ ائين ئي سمجھان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجيءَ دل ۾ موجود آھيو. منھنجي قيد ۾ توڙي خوشخبريءَ کي سچي ثابت ڪرڻ ۽ ان کي پڪيءَ طرح قائم ڪرڻ ۾، اوھين سڀ خدا جي ڏنل فضل ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار آھيو.

8. خدا منھنجو شاھد آھي تہ عيسيٰ مسيح جھڙي الفت جيان اوھان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.

9. آءٌ ھيءَ دعا ٿو گھران تہ علم ۽ ھر طرح جي سمجھہ سان گڏ اوھان جي محبت بہ گھڻي کان گھڻي وڌندي وڃي،

10. تہ جيئن اوھين چڱين ڳالھين کي سمجھي پسند ڪريو ۽ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تائين صاف⁠دل ۽ بي⁠ڏوھي رھو.

11. شل اوھين سچائيءَ جي انھيءَ ڦل سان ڀريل رھو، جيڪو عيسيٰ مسيح جي وسيلي آھي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي ۽ سندس واکاڻ ٿئي.

12. ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ڄاڻي وٺو تہ جيڪي ڪجھہ مون تي ٿي گذريو آھي، سو حقيقت ۾ خوشخبريءَ جي واڌاري جو سبب بڻيو آھي.

13. ايتري قدر جو شاھي پلٽڻ جي سڀني سپاھين ۽ ٻين سڀني ماڻھن ۾ مشھور ٿي ويو آھي تہ آءٌ مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آھيان.

14. منھنجي قيد ۾ ھجڻ جي ڪري گھڻن ايمان وارن کي خداوند ۾ ڀروسو حاصل ٿيو آھي، ايتري قدر جو اھي وڌيڪ ھمت ۽ بي⁠خوفيءَ سان خدا جو ڪلام ٻڌائين ٿا.

15. البت ڪي حسد ۽ جھيڙي جي ڪري تبليغ ٿا ڪن تہ ڪي نيڪ⁠نيتيءَ سان.

مڪمل باب پڙهڻ فلپين 1