بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4

نئين عهد نامي

فلپين 1 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھن، پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آھي، جيڪو نگھبانن ۽ خادمن سميت فلپي شھر ۾ رھندڙ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل سڀني ايمان وارن ڏانھن لکجي ٿو.

2. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.

فلپين لاءِ پولس جي دعا

3. جڏھن بہ اوھين ياد اچو ٿا، تڏھن آءٌ پنھنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان.

4. ھر اھا دعا، جيڪا اوھان سڀني لاءِ ٿو گھران سا ھميشہ خوشيءَ سان گھرندو آھيان،

5. ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان پھرين ڏينھن کان وٺي اڄ تائين خوشخبري ڦھلائڻ ۾ منھنجو ساٿ ڏنو آھي.

6. مون کي انھيءَ ڳالھہ جو يقين آھي تہ خدا، جنھن اوھان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آھي، سو انھيءَ کي عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تائين پورو ڪندو.

7. تنھنڪري واجب آھي تہ آءٌ اوھان سڀني جي باري ۾ ائين ئي سمجھان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجيءَ دل ۾ موجود آھيو. منھنجي قيد ۾ توڙي خوشخبريءَ کي سچي ثابت ڪرڻ ۽ ان کي پڪيءَ طرح قائم ڪرڻ ۾، اوھين سڀ خدا جي ڏنل فضل ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار آھيو.

8. خدا منھنجو شاھد آھي تہ عيسيٰ مسيح جھڙي الفت جيان اوھان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.

9. آءٌ ھيءَ دعا ٿو گھران تہ علم ۽ ھر طرح جي سمجھہ سان گڏ اوھان جي محبت بہ گھڻي کان گھڻي وڌندي وڃي،

10. تہ جيئن اوھين چڱين ڳالھين کي سمجھي پسند ڪريو ۽ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تائين صاف⁠دل ۽ بي⁠ڏوھي رھو.

11. شل اوھين سچائيءَ جي انھيءَ ڦل سان ڀريل رھو، جيڪو عيسيٰ مسيح جي وسيلي آھي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي ۽ سندس واکاڻ ٿئي.

خوشخبري ڦھلائڻ

12. ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ڄاڻي وٺو تہ جيڪي ڪجھہ مون تي ٿي گذريو آھي، سو حقيقت ۾ خوشخبريءَ جي واڌاري جو سبب بڻيو آھي.

13. ايتري قدر جو شاھي پلٽڻ جي سڀني سپاھين ۽ ٻين سڀني ماڻھن ۾ مشھور ٿي ويو آھي تہ آءٌ مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آھيان.

14. منھنجي قيد ۾ ھجڻ جي ڪري گھڻن ايمان وارن کي خداوند ۾ ڀروسو حاصل ٿيو آھي، ايتري قدر جو اھي وڌيڪ ھمت ۽ بي⁠خوفيءَ سان خدا جو ڪلام ٻڌائين ٿا.

15. البت ڪي حسد ۽ جھيڙي جي ڪري تبليغ ٿا ڪن تہ ڪي نيڪ⁠نيتيءَ سان.

16. نيڪ⁠نيتيءَ وارا محبت جي ڪري ائين ٿا ڪن. اھي ڄاڻن ٿا تہ آءٌ خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آھيان.

17. پر ٻيا ذاتي لالچ جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن، سچيءَ نيت سان نہ ، بلڪ انھيءَ خيال سان تہ منھنجي لاءِ قيد ۾ وڌيڪ مصيبت پيدا ڪن.

18. پر اھا ڪا وڏي ڳالھہ ناھي. وڏي ڳالھہ ھيءَ آھي تہ مسيح جي پڌرائي ھر طرح سان ٿئي ٿي، پوءِ اھا ڪوڙي نيت سان ھجي يا سچيءَ سان. انھيءَ سبب آءٌ خوش آھيان، ھائو، آءٌ خوش ٿيندو رھندس.

19. ڇالاءِ⁠جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھان جي دعائن ۽ عيسيٰ مسيح جي روح جي مدد سان آءٌ ڇڏائجي ويندس.

20. منھنجي دل جي آرزو، بلڪ اميد اٿم تہ ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر منھنجي وڏي دليريءَ جي ڪري ھميشہ وانگر ھاڻي بہ منھنجي بدن جي وسيلي مسيح جي وڏائي ٿيندي، پوءِ توڙي جيئرو رھان يا مري وڃان.

21. ڇالاءِ⁠جو مون لاءِ جيئري رھڻ جي معنيٰ آھي مسيح ۽ مرڻ جي معنيٰ آھي نفعو.

22. پر جيڪڏھن ھن جسم ۾ جيئرو رھان تہ آءٌ چڱو ڪم ڪري سگھان ٿو. تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ڇا کي پسند ڪريان.

23. آءٌ ٻنھي ڳالھين جي وچ ۾ ڦاٿل آھيان. منھنجي خواھش تہ اھا آھي تہ ھن دنيا کي ڇڏي وڃي مسيح سان رھان، ڇالاءِ⁠جو اھو سڀ کان بھتر آھي.

24. پر منھنجو بدن ۾ رھڻ اوھان جي خاطر وڌيڪ ضروري آھي.

25. انھيءَ ڳالھہ جي پڪ ھئڻ ڪري آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ جيئرو رھندس، بلڪ اوھان سڀني سان گڏ گذاريندس، تہ جيئن اوھان جي ايمان ۾ واڌارو ٿئي ۽ اوھين ان ۾ خوش رھو.

26. سو جڏھن آءٌ ٻيھر اوھان وٽ اچي حاضر ٿيان تہ مون بابت اوھان جو فخر عيسيٰ مسيح جي ڪري گھڻو وڌي وڃي.

27. ڇا بہ ٿي پوي اوھين پنھنجي روزاني زندگي مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوھان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اھو ٻڌان تہ اوھين ھڪڙي ئي روح ۾ قائم آھيو ۽ ھڪ دل ٿي ڪري گڏجي جانفشاني ڪندا ٿا رھو تہ ماڻھو خوشخبريءَ تي ايمان آڻين.

28. پنھنجن مخالفن کان ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ نہ ڊڄو. اھا ڳالھہ ھنن جي لاءِ برباديءَ جي صاف نشاني آھي، پر اوھان جي لاءِ ڇوٽڪاري جي ۽ اھو خدا جي طرفان آھي.

29. ڇالاءِ⁠جو مسيح جي خاطر اوھان تي اھا ٻاجھہ ٿي آھي تہ نہ رڳو مٿس ايمان آڻيو، پر ھن جي لاءِ ڏک بہ سھو.

30. اوھين بہ خوشخبريءَ لاءِ ساڳيءَ طرح جانفشاني ٿا ڪريو، جيئن اوھان مون کي ڪندي ڏٺو ھو ۽ ھاڻي بہ ٻڌو ٿا تہ ائين ئي پيو ڪريان.