نئين عهد نامي

عبرانين 9:7-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. پر اندرين ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاھن سال ۾ فقط ھڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو آھي. سو بہ انھيءَ رت کان سواءِ نہ ويندو آھي، جيڪو ھو پنھنجي ۽ پنھنجي قوم وارن جي اڻ⁠ڄاڻائيءَ وارن گناھن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آھي.

8. انھيءَ مان پاڪ روح ھي اشارو ٿو ڏئي تہ جيستائين مقدس خيمي جو پھريون ڪمرو بيٺو آھي، تيستائين مقدس ترين جاءِ جو رستو کليل نہ آھي.

9. اھو ھاڻوڪي زماني لاءِ ھڪڙو مثال آھي، جنھن مان ظاھر ٿو ٿئي تہ جيڪي نذرانا ۽ قربانيون ڏنيون وينديون ھيون، سي عبادت ڪندڙ جي ضمير کي ڪامل ڪري نہ ٿيون سگھن.

10. ڇالاءِ⁠جو اھي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان پاڪ صاف ٿيڻ جون رسمون آھن ۽ اھڙا ظاھري قانون آھن جيڪي نئين سڌاري جي وقت تائين مقرر ڪيا ويا ھئا.

11. پر جڏھن مسيح اڳ ۾ موجود چڱين شين جو سردار ڪاھن ٿي آيو، تڏھن ھو وڌيڪ وڏي ۽ ڪامل خيمي جي رستي داخل ٿيو. اھو خيمو انسان جو ٺاھيل نہ آھي، يعني زميني نہ آھي.

12. مسيح انھيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ ھڪڙو ئي ڀيرو داخل ٿيو. ھن ٻڪرين ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، بلڪ خود پنھنجي رت جي وسيلي داخل ٿي اسان جي لاءِ ھميشہ جو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.

13. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ٻڪرين ۽ ڏاندن جو رت ۽ وھڙي جي رک ناپاڪن تي ڇٽڪارڻ سان کين جسماني طور پاڪ ڪري سگھجي ٿو،

14. تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ پاڪ ڪندو، جنھن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي آڏو بي⁠عيب قربانيءَ طور ڏيئي ڇڏيو. سندس رت اسان جي دلين کي اھڙن ڪمن کان پاڪ ڪندو جن جي پڇاڙي موت آھي، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪريون.

15. انھيءَ ڪري ئي مسيح نئين عھد جو وچ وارو آھي. جن ماڻھن پھرين عھد جي زماني ۾ ڏوھہ ڪيا ھئا، تن کي ھن پنھنجي جان ڏيئي آزاد ڪرايو. انھيءَ لاءِ تہ جن کي سڏيو ويو آھي، سي واعدي ڪيل دائمي ورثو حاصل ڪن.

16. ڇالاءِ⁠جو وصيت⁠نامي جي معاملي ۾ اھو ضروري آھي تہ وصيت ڪندڙ جو موت ثابت ٿئي.

17. وصيت ڪرڻ واري جو جيئري وصيت⁠نامو ڪنھن ڪم جو نہ آھي. ھن ڪري جو وصيت⁠نامو تڏھن عمل ۾ ٿو اچي جڏھن ڪو ماڻھو مري ٿو.

18. اھو ئي سبب آھي جو پھريون عھد بہ رت کان سواءِ قائم نہ ڪيو ويو.

19. جڏھن موسيٰ شريعت جو ھر حڪم ساريءَ قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏھن ھن گابن ۽ ٻڪرين جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، قرمزي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان شريعت جي ڪتاب ۽ ساريءَ قوم تي ڇٽڪاريو.

20. ھن اھو بہ چيو تہ ”ھي انھيءَ عھد جو رت آھي، جنھن جو خدا اوھان کي حڪم ڏنو آھي.“

21. ساڳيءَ طرح موسيٰ مقدس خيمي ۽ عبادت جي سڀني شين تي رت ڇٽڪاريو.

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 9