نئين عهد نامي

عبرانين 9:14-28 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

14. تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ پاڪ ڪندو، جنھن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي آڏو بي⁠عيب قربانيءَ طور ڏيئي ڇڏيو. سندس رت اسان جي دلين کي اھڙن ڪمن کان پاڪ ڪندو جن جي پڇاڙي موت آھي، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪريون.

15. انھيءَ ڪري ئي مسيح نئين عھد جو وچ وارو آھي. جن ماڻھن پھرين عھد جي زماني ۾ ڏوھہ ڪيا ھئا، تن کي ھن پنھنجي جان ڏيئي آزاد ڪرايو. انھيءَ لاءِ تہ جن کي سڏيو ويو آھي، سي واعدي ڪيل دائمي ورثو حاصل ڪن.

16. ڇالاءِ⁠جو وصيت⁠نامي جي معاملي ۾ اھو ضروري آھي تہ وصيت ڪندڙ جو موت ثابت ٿئي.

17. وصيت ڪرڻ واري جو جيئري وصيت⁠نامو ڪنھن ڪم جو نہ آھي. ھن ڪري جو وصيت⁠نامو تڏھن عمل ۾ ٿو اچي جڏھن ڪو ماڻھو مري ٿو.

18. اھو ئي سبب آھي جو پھريون عھد بہ رت کان سواءِ قائم نہ ڪيو ويو.

19. جڏھن موسيٰ شريعت جو ھر حڪم ساريءَ قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏھن ھن گابن ۽ ٻڪرين جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، قرمزي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان شريعت جي ڪتاب ۽ ساريءَ قوم تي ڇٽڪاريو.

20. ھن اھو بہ چيو تہ ”ھي انھيءَ عھد جو رت آھي، جنھن جو خدا اوھان کي حڪم ڏنو آھي.“

21. ساڳيءَ طرح موسيٰ مقدس خيمي ۽ عبادت جي سڀني شين تي رت ڇٽڪاريو.

22. حقيقت ۾ شريعت موجب گھڻو ڪري سڀ شيون رت سان پاڪ ٿي وڃن ٿيون ۽ رت وھائڻ کان سواءِ معافي نہ ٿي ملي.

23. تنھنڪري اھو ضروري ھو تہ آسماني شين جا نقل اھڙين قربانين جي وسيلي پاڪ ڪيا وڃن، بلڪ خود آسماني شيون انھن کان بھتر قربانين جي وسيلي پاڪ ڪجن.

24. ڇالاءِ⁠جو مسيح انسان جي ٺاھيل مقدس جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي مقدس جاءِ جو رڳو نقل ھئي. پر ھو آسمان ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن خدا جي حضور ۾ اسان جي خاطر حاضر ٿئي.

25. سردار ڪاھن ھر سال مقدس ترين جاءِ ۾ پنھنجو نہ پر ٻئي جو رت کڻي ٿو وڃي. پر مسيح پاڻ کي وري وري قربان ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ داخل نہ ٿو ٿئي،

26. ⁠نہ⁠تہ جھان جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس ڏک سھڻو پوي ھا. پر ھاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ ھو ھڪڙو ئي ڀيرو ظاھر ٿيو، انھيءَ لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناھہ کي مٽائي ڇڏي.

27. جھڙيءَ طرح انسان جو ھڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انھيءَ کان پوءِ عدالت جي اڳيان پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آھي،

28. تھڙيءَ طرح مسيح بہ ھڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻھن جي گناھن کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏھن ھو ٻيھر ظاھر ٿيندو تہ گناھہ کڻڻ لاءِ نہ، بلڪ انھن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ ايندو جيڪي سندس واٽ پيا نھارين.

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 9