نئين عهد نامي

عبرانين 3:15-19 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. جيئن چيو ويو آھي تہ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو،تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو،جيئن اوھان چڙ ڏيارڻ واري مھل ڪيو ھو.“

16. اھي ڪير ھئا جن آواز ٻڌي خدا کي چڙ ڏياري؟ ڇا اھي سڀيئي نہ ھئا جيڪي موسيٰ جي اڳواڻيءَ ۾ مصر مان نڪتا ھئا؟

17. اھي ڪير ھئا جن کان ھو چاليھن سالن تائين ناراض رھيو؟ ڇا ھو اھي نہ ھئا جن گناھہ ڪيو ۽ جن جا لاش رڻ⁠پٽ ۾ پيا رھيا؟

18. ۽ اھي ڪير ھئا جن لاءِ خدا قسم کڻي چيو تہ”ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا“؟ ڇا ھو اھي نہ ھئا جن نافرماني ڪئي؟

19. اھڙيءَ طرح اسين ڏسون ٿا تہ اھي ايمان نہ آڻڻ جي ڪري داخل ٿي نہ سگھيا.

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 3