نئين عهد نامي

عبرانين 3:1-10 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. تنھنڪري اي پاڪ ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آھيو، اوھين انھيءَ رسول ۽ وڏي سردار ڪاھن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنھن کي اسين مڃون ٿا.

2. ھو پنھنجي مقرر ڪرڻ واري سان اھڙو وفادار رھيو، جھڙو موسيٰ خدا جي سڄي گھراڻي سان وفادار ھو.

3. جيئن ڪنھن گھر جو جوڙيندڙ انھيءَ گھر کان وڌيڪ عزت وارو ٿئي ٿو، تيئن عيسيٰ بہ موسيٰ کان وڌيڪ عزت جي لائق ليکيو ويو.

4. ڇالاءِ⁠جو ھر گھر جو ڪو نہ ڪو جوڙيندڙ ھوندو آھي، پر جنھن سڀ ڪجھہ بڻايو سو خدا ئي آھي.

5. ھاڻي موسيٰ خادم جي حيثيت ۾ خدا جي سڄي گھراڻي سان وفادار رھيو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪي ڳالھيون پوءِ بيان ٿيڻيون ھيون، تن جي شاھدي ڏئي.

6. پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھر جو مختيار ھوندي وفادار رھيو. ھاڻي خدا جو گھراڻو اسين آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجيءَ ھمت ۽ انھيءَ اميد تي قائم رھون، جنھن تي اسان کي فخر آھي.

7. جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو تہ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو،

8. تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو،جيئن چڙ ڏيارڻ واري مھل، يعني آزمائش جي ڏينھناوھان رڻ⁠پٽ ۾ ڪيو.

9. اتي اوھان جي ابن ڏاڏن منھنجي آزمائش ورتي،مون کي پرکيو۽ چاليھن سالن تائين منھنجا ڪم ڏٺائون.

10. تنھنڪري انھيءَ پيڙھيءَ کان آءٌ ناراض ٿيس،۽ چيم تہ ’انھن ماڻھن جون دليونھميشہ گمراھہ ٿينديون رھن ٿيون.انھن منھنجي واٽن کي ڪين سڃاتو.‘

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 3