نئين عهد نامي

عبرانين 13:7-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. اوھين پنھنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوھان کي خدا جو ڪلام ٻڌايو. انھن جي زندگي گذارڻ ۽ سندن موت تي غور ڪري انھن جھڙو ايمان ڌاريو.

8. عيسيٰ مسيح ڪالھہ توڙي اڄ، بلڪ ھميشہ تائين ساڳيو ئي آھي.

9. جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراھہ نہ ٿيو. ڇالاءِ⁠جو اوھان جي لاءِ اھو چڱو آھي تہ دلين کي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي انھن رسمي کاڌن جي وسيلي، جن مان انھن جي کائڻ وارن کي ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.

10. اسان جي تہ ھڪڙي اھڙي قربان⁠گاھہ آھي، جنھن مان پھرين عھد جي ڪاھنن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونھي.

11. ڇالاءِ⁠جو جن جانورن جو رت سردار ڪاھن گناھن جي ڪفاري جي لاءِ مقدس ترين جاءِ ۾ کڻي ٿو وڃي، تن جا بدن خيمي⁠گاھہ جي ٻاھران ساڙيا ٿا وڃن.

12. انھيءَ ڪري عيسيٰ بہ شھر جي دروازي جي ٻاھران ڏک سٺو، تہ جيئن پنھنجي رت جي وسيلي پنھنجيءَ امت کي پاڪ ڪري.

13. تنھنڪري اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيمي⁠گاھہ کان ٻاھر ھن وٽ ھلون.

14. ڇالاءِ⁠جو ھتي اسان جو ڪو قائم رھڻ وارو شھر ڪونھي، بلڪ اسين اھڙي شھر جي ڳولا ۾ آھيون جيڪو اچڻ وارو آھي.

15. تنھنڪري اچو تہ اسين عيسيٰ جي وسيلي سدائين خدا جي واکاڻ جي قرباني ڪندا رھون، يعني انھيءَ زبان جو ڦل نذر ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.

16. پر نيڪي ڪرڻ ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇالاءِ⁠جو اھڙيون قربانيون خدا کي پسند آھن.

17. اوھين پنھنجي اڳواڻن جا فرمانبردار ۽ تابعدار ٿي رھو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان جي روحاني فائدي لاءِ حساب ڏيندڙن وانگر سجاڳ ٿا رھن. سندن فرمانبرداري ڪريو، تہ جيئن ھو اھو ڪم خوشيءَ سان ڪن ۽ نہ رنج سان، نہ تہ اوھان کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو.

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 13