نئين عهد نامي

عبرانين 13:1-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھڪ ٻئي کي ھڪ ڪٽنب جا سمجھي محبت ڪندا رھو.

2. مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪندا رھو، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان ڪن ماڻھن بي⁠خبريءَ ۾ ملائڪن جي مھمانداري ڪئي آھي.

3. قيدين کي ياد رکو جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ قيد ۾ آھيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ياد ڪريو، جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ ڏک سھو ٿا.

4. سڀني ماڻھن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالھہ ھئڻ کپي ۽ زال مڙس کي ھڪ ٻئي سان وفادار ھئڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو خدا زناڪارن ۽ حرامڪارن کي سزا ڏيندو.

5. پيسي سان پيار نہ رکو، جيڪي اوھان وٽ آھي تنھن تي راضي رھو. ڇالاءِ⁠جو خدا پاڻ چيو آھي تہ”آءٌ تو کي ڪڏھن بہ ڇڏي نہ ڏيندس،۽ نڪي ڪڏھن تو کي وساريندس.“

6. تنھنڪري اسين پوري يقين سان چئي ٿا سگھون تہ”خداوند منھنجو مددگار آھي،آءٌ ڪين ڊڄندس.انسان مون کي ڇا ٿو ڪري سگھي؟“

7. اوھين پنھنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوھان کي خدا جو ڪلام ٻڌايو. انھن جي زندگي گذارڻ ۽ سندن موت تي غور ڪري انھن جھڙو ايمان ڌاريو.

8. عيسيٰ مسيح ڪالھہ توڙي اڄ، بلڪ ھميشہ تائين ساڳيو ئي آھي.

9. جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراھہ نہ ٿيو. ڇالاءِ⁠جو اوھان جي لاءِ اھو چڱو آھي تہ دلين کي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي انھن رسمي کاڌن جي وسيلي، جن مان انھن جي کائڻ وارن کي ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.

10. اسان جي تہ ھڪڙي اھڙي قربان⁠گاھہ آھي، جنھن مان پھرين عھد جي ڪاھنن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونھي.

11. ڇالاءِ⁠جو جن جانورن جو رت سردار ڪاھن گناھن جي ڪفاري جي لاءِ مقدس ترين جاءِ ۾ کڻي ٿو وڃي، تن جا بدن خيمي⁠گاھہ جي ٻاھران ساڙيا ٿا وڃن.

مڪمل باب پڙهڻ عبرانين 13