نئين عهد نامي

رومين 13:8-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. سواءِ ھڪ ٻئي جي پيار جي ڪنھن جا بہ قرضدار نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو ٻين سان پيار ڪري ٿو، سو شريعت جا حڪم پورا ٿو ڪري.

9. شريعت جا حڪم آھن تہ ”زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر ۽ لالچ نہ ڪر.“ ٻيا جيڪي حڪم آھن سي ھن ھڪڙيءَ ڳالھہ ۾ اچي وڃن ٿا تہ ”تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“

10. جيڪو پنھنجي پاڙيسريءَ سان پيار ڪري ٿو سو ان سان بڇڙائي نہ ٿو ڪري. تنھنڪري پيار ڪرڻ ئي پوري شريعت تي عمل ڪرڻ آھي.

11. اوھين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، ڇالاءِ⁠جو ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي، جنھن ۾ اوھان کي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن وقت اسان ايمان آندو ھو تنھن وقت جي نسبت ھاڻي اسان جو ڇوٽڪارو وڌيڪ ويجھو آھي.

12. رات گھڻي گذري چڪي آھي ۽ ڏينھن ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اچو تہ اونداھيءَ جا ڪم ڇڏي سوجھري جا ھٿيار ٻڌون.

13. اھڙيءَ طرح فضيلت سان ھلون جيئن ڏينھن جو ھلبو آھي. نہ ناچ رنگ ۽ نہ نشي ۾، نہ زناڪاري ۽ نہ شھوت⁠پرستيءَ ۾، نہ جھيڙي ۽ نہ حسد ۾ ھلون.

14. پر خداوند عيسيٰ مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪيو ۽ جسماني خواھشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.

مڪمل باب پڙهڻ رومين 13