نئين عهد نامي

رومين 11:2-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. خدا پنھنجي انھيءَ قوم کي رد ڪونہ ڪيو، جنھن کي اڳي ئي چونڊيو ھئائين. اوھين پاڻ پاڪ ڪتاب جي انھيءَ لکت بابت ڄاڻو ٿا، جنھن ۾ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا وٽ فرياد ٿو ڪري.

3. الياس چوي ٿو تہ ”اي خداوند! ھنن تنھنجي نبين کي ماريو آھي ۽ تنھنجين قربان⁠گاھن کي برباد ڪري ڇڏيو اٿئون، باقي آءٌ اڪيلو ئي وڃي بچيو آھيان ۽ منھنجي پٺيان بہ ھٿ ڌوئي ڪڍ لڳا آھن.“

4. پر خدا کيس ڪھڙو جواب ڏنو؟ ھن جواب ڏنو تہ ”مون پنھنجي لاءِ ست ھزار ماڻھو بچائي ڇڏيا آھن، جن بعل بت جي اڳيان سجدو نہ ڪيو آھي.“

5. ھاڻي بہ اھڙيءَ طرح ڪي ٿورا ماڻھو وڃي بچيا آھن جن کي خدا پنھنجي فضل سان چونڊيو آھي.

6. خدا جي چونڊ سندس فضل موجب ڪيل آھي، نہ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن خدا جي چونڊ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب ھجي ھا تہ پوءِ خدا جو فضل سچو فضل نہ ليکجي ھا.

7. انھيءَ مان ڪھڙو نتيجو نڪتو؟ اھو تہ بني اسرائيل جنھن شيءِ جي ڳولا ۾ ھئا، سا کين نہ ملي. پر اھا خدا جي چونڊيلن کي ملي ويئي ۽ باقي ٻيا سخت⁠دل ڪيا ويا.

8. جيئن لکيل آھي تہ”خدا انھن جي دل ۽ عقل تي تالو لڳائي ڇڏيو،۽ اڄ ڏينھن تائين اھي اکين سان ڏسي۽ ڪنن سان ٻڌي نہ ٿا سگھن.“

9. دائود بہ چوي ٿو تہ”شل اھي پنھنجي عيد وارن ڏينھن تيڦاسجن ۽ پڪڙجن،يعني اھي ٿاٻو کائي ڪري پون۽ کين سزا ملي.

10. شل انھن جون اکيون انڌيون ٿين،تہ جيئن ھو ڏسي نہ سگھن،۽ سندن پٺيون تڪليفن سان ھميشہ لاءِ جھڪي پون.“

11. پوءِ آءٌ پڇان ٿو تہ جڏھن يھودين ٿاٻو کاڌو تہ ڇا اھي برباد ٿي ويا؟ نہ، بلڪل نہ. پر انھن جي ڏوھہ ڪرڻ ڪري غير قومن کي ڇوٽڪارو ملي ويو، تہ جيئن يھودي انھن تي ساڙ کائين.

12. يھودين جو ڏوھہ دنيا جي لاءِ فائدي وارو ٿئي ٿو ۽ سندن نقصان غيرقومن لاءِ فائديمند ٿئي ٿو. پر جڏھن سڀ يھودي فرمانبردار ٿيندا تہ خدا جي ڪيڏي نہ وڏي رحمت ٿيندي.

13. اي غير قومن وارؤ! ھاڻي آءٌ اوھان سان ڳالھائي رھيو آھيان، ڇالاءِ⁠جو آءٌ غير قومن ڏانھن رسول ڪري موڪليو ويو آھيان ۽ آءٌ پنھنجي ھن ڪم ۾ فخر محسوس ٿو ڪريان،

14. انھيءَ لاءِ تہ شايد آءٌ پنھنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ اھڙيءَ طرح انھن مان ڪن کي ڇوٽڪارو ملي.

15. پر جيڪڏھن انھن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري دنيا جو خدا سان ميلاپ ٿئي ٿو تہ پوءِ انھن کي خدا جي وري قبول ڪرڻ سان ڇا ٿيندو؟ اھو مئلن لاءِ زندگيءَ جي برابر ٿيندو.

16. جيڪڏھن خدا کي ڏنل نذراني جو پھريون چاڻو پاڪ آھي تہ سڄو ڳوھيل اٽو بہ پاڪ آھي ۽ جيڪڏھن ڪنھن وڻ جي پاڙ پاڪ آھي تہ سندس ٽاريون بہ پاڪ آھن.

مڪمل باب پڙهڻ رومين 11