نئين عهد نامي

رومين 11:1-7 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. تڏھن آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا خدا پنھنجيءَ قوم کي رد ڪيو؟ نہ، بلڪل نہ. آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آھيان ۽ ابراھيم جي اولاد بنيامين جي قبيلي مان آھيان.

2. خدا پنھنجي انھيءَ قوم کي رد ڪونہ ڪيو، جنھن کي اڳي ئي چونڊيو ھئائين. اوھين پاڻ پاڪ ڪتاب جي انھيءَ لکت بابت ڄاڻو ٿا، جنھن ۾ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا وٽ فرياد ٿو ڪري.

3. الياس چوي ٿو تہ ”اي خداوند! ھنن تنھنجي نبين کي ماريو آھي ۽ تنھنجين قربان⁠گاھن کي برباد ڪري ڇڏيو اٿئون، باقي آءٌ اڪيلو ئي وڃي بچيو آھيان ۽ منھنجي پٺيان بہ ھٿ ڌوئي ڪڍ لڳا آھن.“

4. پر خدا کيس ڪھڙو جواب ڏنو؟ ھن جواب ڏنو تہ ”مون پنھنجي لاءِ ست ھزار ماڻھو بچائي ڇڏيا آھن، جن بعل بت جي اڳيان سجدو نہ ڪيو آھي.“

5. ھاڻي بہ اھڙيءَ طرح ڪي ٿورا ماڻھو وڃي بچيا آھن جن کي خدا پنھنجي فضل سان چونڊيو آھي.

6. خدا جي چونڊ سندس فضل موجب ڪيل آھي، نہ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن خدا جي چونڊ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب ھجي ھا تہ پوءِ خدا جو فضل سچو فضل نہ ليکجي ھا.

7. انھيءَ مان ڪھڙو نتيجو نڪتو؟ اھو تہ بني اسرائيل جنھن شيءِ جي ڳولا ۾ ھئا، سا کين نہ ملي. پر اھا خدا جي چونڊيلن کي ملي ويئي ۽ باقي ٻيا سخت⁠دل ڪيا ويا.

مڪمل باب پڙهڻ رومين 11