14. مون تي سڀني جو فرض آھي، توڙي جو اھي سڌريل ھجن يا اڻسڌريل، پڙھيل ھجن يا اڻپڙھيل.
15. تنھنڪري منھنجي اھا تمنا آھي تہ آءٌ پنھنجي وس آھر اوھان روم وارن کي بہ خوشخبري ٻڌايان.
16. مون کي خوشخبريءَ ۾ پورو ڀروسو آھي، ڇاڪاڻتہ اھا ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ سڀني ايمان آڻيندڙن جي واسطي خدا جي قدرت آھي، پھريائين يھودين لاءِ پوءِ غير قومن لاءِ.
17. ڇاڪاڻتہ انھيءَ خوشخبريءَ مان اھو ظاھر آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اھو رڳو ايمان جي ئي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو. جيئن لکيل آھي تہ”جنھن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ڪيو ويو آھي،تنھن کي ئي زندگي ملندي.“
18. جيڪي ماڻھو پنھنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي لڪائي ٿا ڇڏين، تن جي اھڙي بيديني ۽ بڇڙائيءَ تي آسمان مان خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.
19. ڇاڪاڻتہ جو ڪجھہ خدا بابت انسانن کي معلوم ٿي سگھي ٿو، سو سندن لاءِ صاف ظاھر آھي، جو اھو خدا پاڻ انھن تي ظاھر ڪيو آھي.
20. خدا جون ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ صفتون، يعني سندس دائمي قدرت ۽ ذات دنيا جي شروعات کان وٺي سندس خلقيل شين مان ظاھر ظھور پيون ڏسجن. تنھنڪري انھن کي ڪوبہ بھانو نہ آھي.
21. ڇالاءِجو انھن خدا کي سڃاڻي بہ سندس خدائيءَ جي لائق وڏائي بيان نہ ڪئي ۽ نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ پنھنجن اجاين خيالن ۾ منجھي پيا ۽ سندن بيسمجھہ دلين تي اوندھہ ڇانئجي ويئي.
22. ھو پاڻ کي سياڻو تہ سڏائين پيا، پر حقيقت ۾ بيعقل ھئا.
23. انھن غير فاني خدا جي جلوي جي بجاءِ فاني انسانن، پکين، چوپاين ۽ جيتجڻن کي خدا سمجھيو.
24. سو خدا انھن کي سندن دلين جي خواھشن موجب گندين عادتن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن اھي پاڻ ۾ ھڪٻئي سان بيحيائيءَ جا ڪم ڪن.
25. انھن سچي خدا جي بدران ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ خدا جي خلقيل شين کي عزت ڏيئي انھن جي پوڄا ڪئي، پر انھيءَ خالق کي ڇڏي ڏنائون، جنھن جي واکاڻ ھميشہ ٿيندي رھندي. آمين.
26. تنھنڪري خدا انھن کي سندن گندين خواھشن ۾ ڇڏي ڏنو، ڇالاءِجو انھن جي زالن پنھنجو فطري ڪم ڇڏي پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان بدفعلي ڪئي.
27. اھڙيءَ طرح مردن بہ زالن سان فطري ڪم ڇڏي ڏنو. ھو شھوت ۾ مست ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان بدفعلي ڪيائون. انھيءَ شھوتپرستيءَ جي کين جوڳي سزا ملي.
28. جھڙيءَ طرح ھنن خدا کي سڃاڻڻ کان منھن موڙيو، تھڙيءَ طرح خدا بہ کين بڇڙن ڪمن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن ھو گمراھيءَ جا ڪم ڪندا رھن.