نئين عهد نامي

اِفسين 6:2-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. ھي پھريون حڪم آھي جنھن سان واعدو شامل آھي تہ”پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي عزت ڪريو،

3. تہ جيئن توھان جو ڀلو ٿئي،۽ انھيءَ ملڪ ۾ اوھين وڏي عرصي تائين رھو.“

4. اي پيئرؤ! اوھين پنھنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين اھڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند کي پسند ھجي.

5. اي غلامؤ! اوھين صاف⁠دليءَ سان، ادب ۽ تابعداري ڪندي پنھنجن دنياوي مالڪن جا اھڙا فرمانبردار رھو جھڙا مسيح جا.

6. ماڻھن کي خوش ڪندڙن وانگر ظاھري ڏيکاءَ لاءِ خدمت نہ ڪريو، پر مسيح جي غلامن وانگر دل سان خدا جي مرضي پوري ڪريو.

7. دل ⁠وَ جان سان خدمت ڪريو، ڄڻ تہ خداوند جي ٿا ڪريو، نہ ماڻھن جي.

8. ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ ماڻھو جيڪو بہ چڱو ڪم ڪندو، تنھن جو اجر خداوند کان ملندس، پوءِ کڻي اھو غلام ھجي يا آزاد.

9. اي مالڪؤ! اوھين بہ پنھنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇوتہ اوھين ڄاڻو ٿا تہ انھن جو ۽ اوھان جو، ٻنھي جو مالڪ آسمان ۾ آھي ۽ اھو ڪنھن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آھي.

10. مطلب تہ خداوند جا ھئڻ ڪري ۽ سندس قدرت جي زور جي ڪري زورآوار ٿيو.

11. خدا جا سڀ ھٿيار ٻَڌو، تہ جيئن شيطان جي سازشن جو مقابلو ڪري سگھو.

12. ڇالاءِ⁠جو اسان جي جنگ انسان سان نہ آھي. پر اسين ھن اونداھيءَ دنيا وارين طاقتن سان، اختياريءَ وارن سان، حاڪمن سان ۽ آسماني جاين وارن بڇڙن روحن جي لشڪرن سان وڙھون ٿا.

13. تنھنڪري خدا جا سڀ ھٿيار ٻڌو، تہ جيئن برائيءَ جي ڏينھن ۾ مقابلو ڪري سگھو ۽ سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ مضبوطيءَ سان قائم رھو.

14. تہ پوءِ ثابت قدم رھو، سچ جو سندرو چيلھہ سان ٻڌو ۽ ڇاتيءَ تي سچائيءَ جي زرہ ڍڪيو.

15. پنھنجي پيرن ۾ اھا جتي پائي تيار رھو، جنھن جي ڪري صلح جي خوشخبري ٻڌائي سگھو.

16. انھيءَ سان گڏ ايمان جي ڍال کڻو، جنھن سان اوھين انھيءَ بدڪار يعني شيطان جا سڀ ٻرندڙ تير اُجھائي سگھو.

17. ڇوٽڪاري جو لوھو ٽوپ ۽ پاڪ روح جي تلوار يعني خدا جو ڪلام بہ کڻو.

18. پاڪ روح جي ھدايت موجب ھر وقت ۽ ھر قسم جي دعائن ۽ منٿن سان خدا کان مدد گھرندا رھو. انھيءَ مقصد لاءِ سجاڳ رھو ۽ سڀني ايمان وارن لاءِ ھميشہ دعا گھرندا رھو.

19. منھنجي لاءِ بہ دعا ڪريو تہ ڳالھائڻ وقت مون کي ڪلام ٻڌائڻ جي توفيق ملي، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو راز دليريءَ سان ظاھر ڪريان.

20. انھيءَ خوشخبريءَ خاطر آءٌ زنجيرن سان ٻڌل ايلچي آھيان. دعا ڪريو تہ اھا بنا ڪنھن ڊپ جي ٻڌائي سگھان، جيئن مون کي ٻڌائڻ کپي.

مڪمل باب پڙهڻ اِفسين 6