بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6

نئين عهد نامي

اِفسين 6 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

ٻار ۽ ماءُ⁠پيءُ

1. اي ٻارؤ! خداوند جا ھئڻ ڪري پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇوتہ ائين ڪرڻ واجب آھي.

2. ھي پھريون حڪم آھي جنھن سان واعدو شامل آھي تہ”پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي عزت ڪريو،

3. تہ جيئن توھان جو ڀلو ٿئي،۽ انھيءَ ملڪ ۾ اوھين وڏي عرصي تائين رھو.“

4. اي پيئرؤ! اوھين پنھنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين اھڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند کي پسند ھجي.

غلامَ ۽ مالڪَ

5. اي غلامؤ! اوھين صاف⁠دليءَ سان، ادب ۽ تابعداري ڪندي پنھنجن دنياوي مالڪن جا اھڙا فرمانبردار رھو جھڙا مسيح جا.

6. ماڻھن کي خوش ڪندڙن وانگر ظاھري ڏيکاءَ لاءِ خدمت نہ ڪريو، پر مسيح جي غلامن وانگر دل سان خدا جي مرضي پوري ڪريو.

7. دل ⁠وَ جان سان خدمت ڪريو، ڄڻ تہ خداوند جي ٿا ڪريو، نہ ماڻھن جي.

8. ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ ماڻھو جيڪو بہ چڱو ڪم ڪندو، تنھن جو اجر خداوند کان ملندس، پوءِ کڻي اھو غلام ھجي يا آزاد.

9. اي مالڪؤ! اوھين بہ پنھنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇوتہ اوھين ڄاڻو ٿا تہ انھن جو ۽ اوھان جو، ٻنھي جو مالڪ آسمان ۾ آھي ۽ اھو ڪنھن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آھي.

برائيءَ خلاف جنگ

10. مطلب تہ خداوند جا ھئڻ ڪري ۽ سندس قدرت جي زور جي ڪري زورآوار ٿيو.

11. خدا جا سڀ ھٿيار ٻَڌو، تہ جيئن شيطان جي سازشن جو مقابلو ڪري سگھو.

12. ڇالاءِ⁠جو اسان جي جنگ انسان سان نہ آھي. پر اسين ھن اونداھيءَ دنيا وارين طاقتن سان، اختياريءَ وارن سان، حاڪمن سان ۽ آسماني جاين وارن بڇڙن روحن جي لشڪرن سان وڙھون ٿا.

13. تنھنڪري خدا جا سڀ ھٿيار ٻڌو، تہ جيئن برائيءَ جي ڏينھن ۾ مقابلو ڪري سگھو ۽ سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ مضبوطيءَ سان قائم رھو.

14. تہ پوءِ ثابت قدم رھو، سچ جو سندرو چيلھہ سان ٻڌو ۽ ڇاتيءَ تي سچائيءَ جي زرہ ڍڪيو.

15. پنھنجي پيرن ۾ اھا جتي پائي تيار رھو، جنھن جي ڪري صلح جي خوشخبري ٻڌائي سگھو.

16. انھيءَ سان گڏ ايمان جي ڍال کڻو، جنھن سان اوھين انھيءَ بدڪار يعني شيطان جا سڀ ٻرندڙ تير اُجھائي سگھو.

17. ڇوٽڪاري جو لوھو ٽوپ ۽ پاڪ روح جي تلوار يعني خدا جو ڪلام بہ کڻو.

18. پاڪ روح جي ھدايت موجب ھر وقت ۽ ھر قسم جي دعائن ۽ منٿن سان خدا کان مدد گھرندا رھو. انھيءَ مقصد لاءِ سجاڳ رھو ۽ سڀني ايمان وارن لاءِ ھميشہ دعا گھرندا رھو.

19. منھنجي لاءِ بہ دعا ڪريو تہ ڳالھائڻ وقت مون کي ڪلام ٻڌائڻ جي توفيق ملي، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو راز دليريءَ سان ظاھر ڪريان.

20. انھيءَ خوشخبريءَ خاطر آءٌ زنجيرن سان ٻڌل ايلچي آھيان. دعا ڪريو تہ اھا بنا ڪنھن ڊپ جي ٻڌائي سگھان، جيئن مون کي ٻڌائڻ کپي.

آخري دعا سلام

21. تُخِڪُس، جيڪو خداوند جو ھئڻ ڪري پيارو ڀاءُ ۽ سچو خدمتگار آھي، سو اوھان کي منھنجون سڀ ڳالھيون ٻڌائيندو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين بہ منھنجي حال کان واقف ٿيو تہ آءٌ ڪيئن ٿو گذاريان.

22. آءٌ ھن کي اوھان ڏانھن انھيءَ مقصد لاءِ موڪلي رھيو آھيان تہ اوھان کي معلوم ٿئي تہ اسين ڪيئن آھيون ۽ اھو بہ تہ جيئن ھو اوھان جي دلين کي ھمتائي.

23. خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان شل ڀائرن ۽ ڀينرن کي اطمينان ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي.

24. شل انھن سڀني تي فضل ھجي، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان لازوال محبت رکن ٿا.