نئين عهد نامي

اِفسين 5:9-12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

9. ھن ڪري جو روشنيءَ جو ڦل ھر طرح جي چڱائيءَ، صداقت ۽ سچائيءَ ۾ آھي.

10. آزمودي سان معلوم ڪندا رھو تہ خداوند کي ڇا ٿو وڻي.

11. اونداھيءَ جي اجاين ڪمن سان ڪو واسطو نہ رکو، پر اٽلندو انھن کي پڌرو ڪريو.

12. ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڪم اھي ڳُجھہ⁠ڳوھہ ۾ ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جھڙي ڳالھہ آھي.

مڪمل باب پڙهڻ اِفسين 5