بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6

نئين عهد نامي

اِفسين 5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اوھين خدا جا پيارا ٻار آھيو، تنھنڪري سندس پيروي ڪريو

2. ۽ پيار ڀري زندگي گذاريو، جھڙيءَ طرح مسيح اسان کي پيار ڏنو ۽ اسان جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.

3. پر زناڪاري ۽ ڪنھن بہ قسم جي ناپاڪي يا لالچ جو نالو بہ اوھان ۾ نہ ھئڻ کپي، ڇالاءِ⁠جو خدا وارن لاءِ اھو مناسب نہ آھي.

4. بي⁠شرمي، اجائي بڪ بڪ ۽ گندي چرچي بازي نہ ھئڻ کپي. اھي نالائقيءَ جھڙيون ڳالھيون آھن، پر اٽلندو شڪرگذاري ڪرڻ کپي.

5. اوھين پڪ ڄاڻو تہ ڪوبہ زناڪار يا ناپاڪ يا لالچي ماڻھو جيڪو حقيقت ۾ بت⁠پرست آھي، تنھن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاھيءَ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونھي.

روشنيءَ ۾ زندگي گذارڻ

6. متان ڪو ماڻھو سکڻيون ڳالھيون ڪري اوھان کي ٺڳي وڃي، ڇالاءِ⁠جو اھڙن گناھن جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.

7. تنھنڪري اوھين انھن جا شريڪ نہ ٿيو.

8. ڇالاءِ⁠جو اڳي اوھين اوندھہ مثل ھئا، پر ھاڻي اوھين خداوند جا ماڻھو ھئڻ ڪري روشنيءَ مثل آھيو. سو اوھان کي انھن ماڻھن وانگر زندگي گذارڻ گھرجي جيڪي روشنيءَ وارا آھن.

9. ھن ڪري جو روشنيءَ جو ڦل ھر طرح جي چڱائيءَ، صداقت ۽ سچائيءَ ۾ آھي.

10. آزمودي سان معلوم ڪندا رھو تہ خداوند کي ڇا ٿو وڻي.

11. اونداھيءَ جي اجاين ڪمن سان ڪو واسطو نہ رکو، پر اٽلندو انھن کي پڌرو ڪريو.

12. ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڪم اھي ڳُجھہ⁠ڳوھہ ۾ ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جھڙي ڳالھہ آھي.

13. سڀڪا شيءِ جيڪا ڦٽڪار ھيٺ اچي ٿي سا روشنيءَ جي ڪري پڌري ٿيو پوي.

14. ڇالاءِ⁠جو اھا روشني ئي آھي، جيڪا ھر شيءِ کي روشن ڪري ٿي ڏيکاري. تنھنڪري چيو ويو آھي تہ”اي ستل! جاڳي پئُہ،مئلن منجھان جي اُٿ،تہ مسيح تو تي نور چمڪائيندو.“

15. تنھنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا ھلو. نادانن وانگر نہ، پر دانائن وانگر زندگي گذاريو.

16. وقت جو پورو پورو فائدو وٺو، ڇالاءِ⁠جو زمانو خراب آھي.

17. تنھنڪري بي⁠وقوف نہ ٿيو، پر سمجھو تہ خداوند جي مرضي ڪھڙي آھي.

18. مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انھيءَ سان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي. پر اٽلندو پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو.

19. اوھين پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو ۽ پنھنجي دل سان خداوند جي ساراھہ ۾ ڳايو وڄايو.

20. ھميشہ سڀني ڳالھين ۾ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي، خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيندا رھو.

ھڪ ٻئي جي تابع رھڻ

21. مسيح جي ادب جي ڪري ھڪ ٻئي جي تابع رھو.

22. اي زالون! اوھين پنھنجن مڙسن جون اھڙيون تابعدار رھو جھڙيون خداوند جون.

23. ڇالاءِ⁠جو مڙس زال جو سرآھي، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا يعني بدن جو سر ۽ انھيءَ بدن جو بچائيندڙ آھي.

24. تنھنڪري جھڙيءَ طرح ڪليسيا مسيح جي تابع آھي، تھڙيءَ طرح زالن کي بہ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ پنھنجن مڙسن جي تابع رھڻ گھرجي.

25. اي مڙسؤ! پنھنجين زالن سان محبت رکو، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا سان محبت رکي ۽ ان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏيائين.

26. ھن انھيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي پاڪ ڪلام جي وسيلي ۽ پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري پاڪ بڻائي.

27. ھن جو مقصد ھو تہ ھڪڙي اھڙي جلوي واري ڪليسيا پنھنجي اڳيان پيش ڪري، جنھن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا ڪا ٻي اھڙي شيءِ نہ ھجي، بلڪ اھا پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجي.

28. ساڳئي نموني مڙسن کي بہ پنھنجين زالن سان اھڙيءَ طرح محبت رکڻ کپي، جھڙيءَ طرح ھو پنھنجن جسمن سان رکن ٿا. جيڪو پنھنجيءَ زال سان محبت رکي ٿو سو پاڻ سان محبت رکي ٿو.

29. مطلب تہ ڪوبہ ماڻھو ڪڏھن بہ پنھنجي جسم سان نفرت نہ ٿو ڪري، اٽلندو انھيءَ کي کارائي پيئاري ٿو ۽ انھيءَ جي پالنا ڪري ٿو، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا کي سنڀالي ٿو.

30. ڇالاءِ⁠جو اسين سندس بدن جا عضوا آھيون.

31. جيئن لکيل آھي تہ”انھيءَ سبب ماڻھو پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ کي ڇڏي،پنھنجيءَ زال سان گڏجي رھندو۽ ٻئي ھڪ جسم ٿي ويندا.“

32. اھو ھڪڙو وڏو راز آھي. پر آءٌ چوان ٿو تہ انھيءَ راز جو تعلق مسيح ۽ ڪليسيا سان آھي.

33. اھو اوھان سان بہ لاڳاپو رکي ٿو تہ اوھان مان ھر ھڪ مڙس کي پنھنجيءَ زال سان اھڙي محبت ڪرڻ گھرجي جھڙي ھو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنھنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.