نئين عهد نامي

اِفسين 5:25-33 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

25. اي مڙسؤ! پنھنجين زالن سان محبت رکو، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا سان محبت رکي ۽ ان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏيائين.

26. ھن انھيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي پاڪ ڪلام جي وسيلي ۽ پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري پاڪ بڻائي.

27. ھن جو مقصد ھو تہ ھڪڙي اھڙي جلوي واري ڪليسيا پنھنجي اڳيان پيش ڪري، جنھن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا ڪا ٻي اھڙي شيءِ نہ ھجي، بلڪ اھا پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجي.

28. ساڳئي نموني مڙسن کي بہ پنھنجين زالن سان اھڙيءَ طرح محبت رکڻ کپي، جھڙيءَ طرح ھو پنھنجن جسمن سان رکن ٿا. جيڪو پنھنجيءَ زال سان محبت رکي ٿو سو پاڻ سان محبت رکي ٿو.

29. مطلب تہ ڪوبہ ماڻھو ڪڏھن بہ پنھنجي جسم سان نفرت نہ ٿو ڪري، اٽلندو انھيءَ کي کارائي پيئاري ٿو ۽ انھيءَ جي پالنا ڪري ٿو، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا کي سنڀالي ٿو.

30. ڇالاءِ⁠جو اسين سندس بدن جا عضوا آھيون.

31. جيئن لکيل آھي تہ”انھيءَ سبب ماڻھو پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ کي ڇڏي،پنھنجيءَ زال سان گڏجي رھندو۽ ٻئي ھڪ جسم ٿي ويندا.“

32. اھو ھڪڙو وڏو راز آھي. پر آءٌ چوان ٿو تہ انھيءَ راز جو تعلق مسيح ۽ ڪليسيا سان آھي.

33. اھو اوھان سان بہ لاڳاپو رکي ٿو تہ اوھان مان ھر ھڪ مڙس کي پنھنجيءَ زال سان اھڙي محبت ڪرڻ گھرجي جھڙي ھو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنھنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.

مڪمل باب پڙهڻ اِفسين 5