نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 8:2-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. مصيبت جي وڏي آزمائش ۾ انھن جي خوشي وڌي ويئي ۽ بيحد غريب ھوندي بہ سندن سخاوت جي دولت گھڻي وڌي ويئي.

3. آءٌ شاھدي ٿو ڏيان تہ انھن پنھنجي حيثيت آھر، بلڪ پنھنجي حيثيت کان بہ وڌيڪ ڏنو ۽ پاڻمرادو ڏنو.

4. ھنن اسان کي ڏاڍي منٿ ۽ زاريءَ سان عرض ڪيو تہ کين ھي موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن ھو يھوديہ جي ايمان وارن لاءِ خدمت ۾ شريڪ ٿي سگھن.

5. انھن نہ رڳو اسان جي اميد آھر ڏنو، بلڪ پنھنجو پاڻ کي پھريائين خداوند جي ۽ پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب اسان جي حوالي ڪيائون.

6. تنھنڪري اسان طيطس کي ھدايت ڪئي تہ جيئن ھن پھريائين اھو سخا جو ڪم شروع ڪيو ھو، تيئن اوھان ۾ پورو بہ ڪري.

7. پر جيئن اوھان ھر ڳالھہ ۾ يعني ايمان آڻڻ ۽ ڪلام ڪرڻ ۾، علم ۽ ھر طرح جي سرگرميءَ ۾ ۽ انھيءَ محبت ۾ جيڪا اسان سان رکو ٿا وڌندا ٿا وڃو، تيئن ھن سخاوت جي ڪم ۾ بہ وڌندا وڃو.

8. آءٌ اوھان کي حڪم ڏيندي ائين نہ ٿو چوان، پر انھيءَ لاءِ چوان ٿو تہ ٻين جي سرگرميءَ سان اوھان جي محبت جي سچائيءَ کي بہ آزمايان.

9. ڇالاءِ⁠جو اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل کي ڄاڻو ٿا. جيتوڻيڪ ھو دولتمند ھو تڏھن بہ اوھان جي خاطر غريب ٿي ويو، تہ جيئن سندس غريبيءَ جي ڪري اوھين دولتمند ٿي وڃو.

10. انھيءَ ڳالھہ بابت آءٌ پنھنجي راءِ ٿو ڏيان، جيڪا اوھان جي لاءِ فائدي واري آھي. اوھين گذريل سال نہ رڳو انھيءَ ڪم شروع ڪرڻ ۾، پر ارادي ڪرڻ ۾ بہ پھريان ھئا.

11. تنھنڪري ھاڻي انھيءَ ڪم کي پورو ڪريو، ڇالاءِ⁠جو جيئن اوھان شوق سان ارادو ڪيو ھو تيئن پنھنجي طاقت آھر انھيءَ کي پورو بہ ڪريو.

مڪمل باب پڙهڻ 2.ڪرنٿين 8