نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 6:14-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

14. جيڪي مسيح تي ايمان نہ ٿا رکن تن جو ساٿ نہ ڏيو، ڇالاءِ⁠جو سچائي ۽ بدڪاري ڪيئن گڏ رھنديون؟ يا روشني ۽ اونداھيءَ جي وچ ۾ ڪھڙو لاڳاپو آھي؟

15. مسيح جي شيطان سان ڪھڙي برابري آھي؟ مسيح تي ايمان آڻيندڙ جو ايمان نہ آڻيندڙ سان ڪھڙو واسطو آھي؟

16. خدا جي گھر جو بتن سان ڪھڙو لاڳاپو آھي؟ ڇالاءِ⁠جو اسين جيئري خدا جو گھر آھيون. جھڙيءَ طرح خدا فرمايو آھي تہ”آءٌ انھن ۾ رھندس۽ انھن ۾ گھمندس ڦرندس،آءٌ انھن جو خدا ٿيندس۽ ھو منھنجا ماڻھو ٿيندا.“

17. تنھنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ”اوھين انھن مان نڪري اچو ۽ الڳ ٿي وڃو،۽ ڪنھن بہ پليت شيءِ کي ھٿ نہ لايو،تہ آءٌ اوھان کي قبول ڪندس.

18. آءٌ اوھان جو پيءُ ٿيندس۽ اوھين منھنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا.خداوند قادرِمطلق ائين ٿو فرمائي.“

مڪمل باب پڙهڻ 2.ڪرنٿين 6