نئين عهد نامي

2.تيمٿيس 4:4-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. اھي پنھنجا ڪن سچ ٻڌڻ کان بند ڪري ڇڏيندا ۽ ڪوڙين آکاڻين ڏانھن ڌيان ڏيندا.

5. پر تون ھر حالت ۾ ھوشيار رھہ، سختي سھُہ، بشارت ڏيڻ جو ڪم ڪر ۽ پنھنجي خدمت پوري ڪر.

6. ھاڻي آءٌ قربان ٿيڻ تي آھيان ۽ منھنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پھتو آھي.

7. آءٌ چڱي ويڙھہ وڙھي چڪو آھيان. آءٌ پوري ڊوڙ ڊوڙي چڪو آھيان. آءٌ پنھنجي ايمان تي قائم رھيو آھيان.

8. ھاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آھي. اھو تاج، خداوند، جيڪو عادل جج آھي سو عدالت واري ڏينھن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انھن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاھر ٿيڻ لاءِ واجھائي رھيا آھن.

9. مون وٽ جلد اچڻ جي ڪوشش ڪر.

10. ڇالاءِ⁠جو ديماس ھن دنيا تي موھت ٿي ڪري مون کي ڇڏي ڏنو ۽ ٿسلونيڪا ڏانھن ھليو ويو. ڪريسڪينس گلتيا ڏانھن ۽ طيطس دلمتيا ڏانھن ھليو ويو.

11. رڳو لوقا مون وٽ آھي. تون مرقس کي پاڻ سان وٺيو اچج، ڇالاءِ⁠جو ھو خدمت واري ڪم ۾ منھنجو سٺو مددگار آھي.

12. تُخِڪُس کي مون اِفسس شھر ڏانھن موڪليو آھي.

13. جيڪو جبو مون تروآس ۾ ڪرپس وٽ ڇڏيو ھو، جڏھن اچين تہ اھو کنيو اچجانءِ، ان سان گڏ منھنجا ڪتاب بہ، خاص ڪري چمڙي جا ورق.

14. سڪندر ٺاٺاري مون سان ڏاڍي بڇڙائي ڪئي. خداوند ھن کي پنھنجو ڪيتو لوڙائيندو.

15. تون بہ انھيءَ کان خبردار رھجانءِ، ڇالاءِ⁠جو ھن اسان جي پيغام جي گھڻي مخالفت ڪئي آھي.

16. ڪورٽ ۾ منھنجي بچاءَ واري پھرين حاضريءَ ۾ ڪنھن بہ منھنجو طرف نہ ورتو، بلڪ سڀني مون کي ڇڏي ڏنو. شل کين انھيءَ جو حساب ڏيڻو نہ پوي.

17. پر خداوند منھنجو طرف ورتو ۽ مون کي طاقت بخشيائين، انھيءَ لاءِ تہ منھنجي وسيلي خوشخبريءَ جي منادي پوري ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. سو آءٌ شينھن جي وات مان ڇڏايو ويس.

مڪمل باب پڙهڻ 2.تيمٿيس 4