بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4

نئين عهد نامي

2.تيمٿيس 4 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. خدا ۽ انھيءَ عيسيٰ مسيح کي، جيڪو جيئرن ۽ مئلن جي عدالت ڪندو، حاضر ناظر ڄاڻي ۽ سندس ظاھر ٿيڻ ۽ بادشاھت ڪرڻ جي ڪري آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ

2. ڪلام جي تبليغ ڪر ۽ وقت بي⁠وقت انھيءَ جي لاءِ تيار رھہ. پوري صبر ۽ سکيا سان ماڻھن کي سمجھاءِ، ملامت ڪر ۽ کين نصيحت ڪر.

3. ڇالاءِ⁠جو اھڙو وقت ايندو، جڏھن ماڻھو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. پر ھو پنھنجين خواھشن جي پورائي لاءِ پنھنجي چوڌاري گھڻا ئي اھڙا استاد آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اھو ئي ڪجھہ ٻڌائيندا جيڪو سندن خارش وارا ڪن ٻڌڻ چاھين ٿا.

4. اھي پنھنجا ڪن سچ ٻڌڻ کان بند ڪري ڇڏيندا ۽ ڪوڙين آکاڻين ڏانھن ڌيان ڏيندا.

5. پر تون ھر حالت ۾ ھوشيار رھہ، سختي سھُہ، بشارت ڏيڻ جو ڪم ڪر ۽ پنھنجي خدمت پوري ڪر.

6. ھاڻي آءٌ قربان ٿيڻ تي آھيان ۽ منھنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پھتو آھي.

7. آءٌ چڱي ويڙھہ وڙھي چڪو آھيان. آءٌ پوري ڊوڙ ڊوڙي چڪو آھيان. آءٌ پنھنجي ايمان تي قائم رھيو آھيان.

8. ھاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آھي. اھو تاج، خداوند، جيڪو عادل جج آھي سو عدالت واري ڏينھن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انھن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاھر ٿيڻ لاءِ واجھائي رھيا آھن.

ذاتي ھدايتون

9. مون وٽ جلد اچڻ جي ڪوشش ڪر.

10. ڇالاءِ⁠جو ديماس ھن دنيا تي موھت ٿي ڪري مون کي ڇڏي ڏنو ۽ ٿسلونيڪا ڏانھن ھليو ويو. ڪريسڪينس گلتيا ڏانھن ۽ طيطس دلمتيا ڏانھن ھليو ويو.

11. رڳو لوقا مون وٽ آھي. تون مرقس کي پاڻ سان وٺيو اچج، ڇالاءِ⁠جو ھو خدمت واري ڪم ۾ منھنجو سٺو مددگار آھي.

12. تُخِڪُس کي مون اِفسس شھر ڏانھن موڪليو آھي.

13. جيڪو جبو مون تروآس ۾ ڪرپس وٽ ڇڏيو ھو، جڏھن اچين تہ اھو کنيو اچجانءِ، ان سان گڏ منھنجا ڪتاب بہ، خاص ڪري چمڙي جا ورق.

14. سڪندر ٺاٺاري مون سان ڏاڍي بڇڙائي ڪئي. خداوند ھن کي پنھنجو ڪيتو لوڙائيندو.

15. تون بہ انھيءَ کان خبردار رھجانءِ، ڇالاءِ⁠جو ھن اسان جي پيغام جي گھڻي مخالفت ڪئي آھي.

16. ڪورٽ ۾ منھنجي بچاءَ واري پھرين حاضريءَ ۾ ڪنھن بہ منھنجو طرف نہ ورتو، بلڪ سڀني مون کي ڇڏي ڏنو. شل کين انھيءَ جو حساب ڏيڻو نہ پوي.

17. پر خداوند منھنجو طرف ورتو ۽ مون کي طاقت بخشيائين، انھيءَ لاءِ تہ منھنجي وسيلي خوشخبريءَ جي منادي پوري ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. سو آءٌ شينھن جي وات مان ڇڏايو ويس.

18. خداوند مون کي ھر بري ڪم کان بچائيندو ۽ پنھنجي آسماني بادشاھت ۾ صحيح سلامت پھچائيندو. شل سندس واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.

آخر ۾ دعا سلام

19. پرسڪلا، اڪولا ۽ اُنيسفرس جي گھر وارن کي سلام ڏج.

20. اراستس، ڪرنٿس شھر ۾ رھي پيو ۽ تروفيمس کي بيمار ھئڻ ڪري مون مليتس شھر ۾ ڇڏيو.

21. سياري کان اڳ مون وٽ اچڻ جي ڪوشش ڪر.يوبولس، پودينس، لينس، ڀيڻ ڪلوديا ۽ ٻيا سڀ ايمان وارا بہ تو کي سلام ٿا چون.

22. شل خداوند تو سان ھجي. اوھان سڀني تي فضل ٿيندو رھي.