نئين عهد نامي

2.تيمٿيس 4:2-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. ڪلام جي تبليغ ڪر ۽ وقت بي⁠وقت انھيءَ جي لاءِ تيار رھہ. پوري صبر ۽ سکيا سان ماڻھن کي سمجھاءِ، ملامت ڪر ۽ کين نصيحت ڪر.

3. ڇالاءِ⁠جو اھڙو وقت ايندو، جڏھن ماڻھو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. پر ھو پنھنجين خواھشن جي پورائي لاءِ پنھنجي چوڌاري گھڻا ئي اھڙا استاد آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اھو ئي ڪجھہ ٻڌائيندا جيڪو سندن خارش وارا ڪن ٻڌڻ چاھين ٿا.

4. اھي پنھنجا ڪن سچ ٻڌڻ کان بند ڪري ڇڏيندا ۽ ڪوڙين آکاڻين ڏانھن ڌيان ڏيندا.

5. پر تون ھر حالت ۾ ھوشيار رھہ، سختي سھُہ، بشارت ڏيڻ جو ڪم ڪر ۽ پنھنجي خدمت پوري ڪر.

6. ھاڻي آءٌ قربان ٿيڻ تي آھيان ۽ منھنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پھتو آھي.

7. آءٌ چڱي ويڙھہ وڙھي چڪو آھيان. آءٌ پوري ڊوڙ ڊوڙي چڪو آھيان. آءٌ پنھنجي ايمان تي قائم رھيو آھيان.

8. ھاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آھي. اھو تاج، خداوند، جيڪو عادل جج آھي سو عدالت واري ڏينھن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انھن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاھر ٿيڻ لاءِ واجھائي رھيا آھن.

9. مون وٽ جلد اچڻ جي ڪوشش ڪر.

10. ڇالاءِ⁠جو ديماس ھن دنيا تي موھت ٿي ڪري مون کي ڇڏي ڏنو ۽ ٿسلونيڪا ڏانھن ھليو ويو. ڪريسڪينس گلتيا ڏانھن ۽ طيطس دلمتيا ڏانھن ھليو ويو.

11. رڳو لوقا مون وٽ آھي. تون مرقس کي پاڻ سان وٺيو اچج، ڇالاءِ⁠جو ھو خدمت واري ڪم ۾ منھنجو سٺو مددگار آھي.

مڪمل باب پڙهڻ 2.تيمٿيس 4