نئين عهد نامي

2.تيمٿيس 2:8-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. عيسيٰ مسيح کي ياد رک، جيڪو دائود جي نسل مان آھي ۽ مئلن مان جي اٿيو. اھا ئي منھنجي خوشخبري آھي.

9. انھيءَ جي ڪري ئي آءٌ ڏک ٿو سھان، ايتري قدر جو ڪنھن ڏوھاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آھيان. پر خدا جو ڪلام قيد نہ آھي.

10. تنھنڪري آءٌ چونڊيل ماڻھن جي خاطر سڀ ڪجھہ سھان ٿو، تہ جيئن جيڪو ڇوٽڪارو عيسيٰ مسيح جي وسيلي ٿو ملي، تنھن کي اھي بہ ابدي عظمت سميت حاصل ڪن.

11. اھا ڳالھہ سچي آھي تہ”جيڪڏھن اسين ھن سان گڏ مئاسين،تہ پوءِ ھن سان گڏ جيئنداسين بہ.

12. جيڪڏھن اسين ڏک سھندا رھون،تہ ھن سان گڏ بادشاھي بہ ڪنداسين.جيڪڏھن اسين ھن کي پنھنجو نہ سمجھنداسين،تہ ھو بہ اسان کي پنھنجو نہ سمجھندو.

13. جيڪڏھن اسين بي⁠وفا ٿا ٿيون،تڏھن بہ ھو وفا ڪندو رھندو،ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجو انڪار ڪري نہ ٿو سگھي.“

14. اھي ڳالھيون ماڻھن کي ياد ڏيار. خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي انھن کي تاڪيد ڪر تہ اھي لفظن بابت تڪرار نہ ڪن. ڇالاءِ⁠جو انھيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناھي، سواءِ انھيءَ جي جو ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن.

15. ڪوشش ڪر تہ تون خدا وٽ وڻيل ۽ اھڙو پورھيت ثابت ٿئين جنھن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو ڪلام صحيح نموني ۾ استعمال ٿو ڪري.

16. اجائي بڪ بڪ کان پاسو ڪر، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ماڻھو انھيءَ ۾ ڪاھي ٿا پون، سي بدڪاريءَ ۾ اڃا بہ وڌندا ويندا.

17. انھن جي تعليم ناسور وانگر پکڙبي رھندي. ھمنيوس ۽ فليتس انھن ماڻھن مان آھن.

18. اھي سچ کان گمراھہ ٿي ويا آھن ۽ چون ٿا تہ قيامت اڳي ئي ٿي چڪي آھي. اھڙيءَ طرح اھي ڪن ماڻھن جو ايمان بگاڙين ٿا.

19. تنھن ھوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رھي ٿو. انھيءَ تي ھنن لفظن جي مُھر لڳل آھي تہ”خداوند پنھنجن کي سڃاڻي ٿو.“۽”جيڪو خداوند جي نالي جو اقرار ڪري ٿو،تنھن کي بڇڙائيءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.“

20. ڪنھن وڏي گھر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ ھوندا آھن، بلڪ ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ. انھن مان ڪي اعليٰ ڪمن لاءِ آھن ۽ ڪي ذليل ڪمن لاءِ.

مڪمل باب پڙهڻ 2.تيمٿيس 2