بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4

نئين عهد نامي

2.تيمٿيس 2 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

عيسيٰ مسيح جو سچو سپاھي

1. تنھنڪري اي منھنجا فرزند! جيڪو فضل عيسيٰ مسيح جي طرفان آھي، تنھن جي وسيلي پختو ٿيءُ.

2. جيڪي ڳالھيون تو گھڻن شاھدن جي روبرو مون کان ٻڌيون آھن، سي اھڙن ڀروسي وارن ماڻھن جي حوالي ڪر جيڪي ٻين کي بہ سيکارڻ جي لائق ھجن.

3. عيسيٰ مسيح جي سٺي سپاھيءَ جي حيثيت ۾ اسان سان گڏ سختي سھُہ.

4. ڪوبہ سپاھگيري ڪندڙ پاڻ کي دنيا جي معاملن ۾ نہ ٿو ڦاسائي، انھيءَ لاءِ تہ جنھن آفيسر کيس ڀرتي ڪيو آھي تنھن کي خوش ڪري.

5. ساڳيءَ طرح جيڪڏھن ڪو ماڻھو پھلوانيءَ جو مقابلو ٿو ڪري تہ اھو بہ جيسين قاعدي موجب نہ ٿو وڙھي تيسين فتحيابيءَ جو انعام حاصل نہ ٿو ڪري.

6. ھاري، جيڪو سخت محنت ٿو ڪري، تنھن کي سڀ کان پھريائين فصل جو حصو ملڻ گھرجي.

7. جيڪي آءٌ چوان ٿو تنھن تي غور ڪر، ڇالاءِ⁠جو خداوند تو کي انھن سڀني ڳالھين جي سمجھہ ڏيندو.

8. عيسيٰ مسيح کي ياد رک، جيڪو دائود جي نسل مان آھي ۽ مئلن مان جي اٿيو. اھا ئي منھنجي خوشخبري آھي.

9. انھيءَ جي ڪري ئي آءٌ ڏک ٿو سھان، ايتري قدر جو ڪنھن ڏوھاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آھيان. پر خدا جو ڪلام قيد نہ آھي.

10. تنھنڪري آءٌ چونڊيل ماڻھن جي خاطر سڀ ڪجھہ سھان ٿو، تہ جيئن جيڪو ڇوٽڪارو عيسيٰ مسيح جي وسيلي ٿو ملي، تنھن کي اھي بہ ابدي عظمت سميت حاصل ڪن.

11. اھا ڳالھہ سچي آھي تہ”جيڪڏھن اسين ھن سان گڏ مئاسين،تہ پوءِ ھن سان گڏ جيئنداسين بہ.

12. جيڪڏھن اسين ڏک سھندا رھون،تہ ھن سان گڏ بادشاھي بہ ڪنداسين.جيڪڏھن اسين ھن کي پنھنجو نہ سمجھنداسين،تہ ھو بہ اسان کي پنھنجو نہ سمجھندو.

13. جيڪڏھن اسين بي⁠وفا ٿا ٿيون،تڏھن بہ ھو وفا ڪندو رھندو،ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجو انڪار ڪري نہ ٿو سگھي.“

خدا کي وڻيل پورھيت

14. اھي ڳالھيون ماڻھن کي ياد ڏيار. خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي انھن کي تاڪيد ڪر تہ اھي لفظن بابت تڪرار نہ ڪن. ڇالاءِ⁠جو انھيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناھي، سواءِ انھيءَ جي جو ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن.

15. ڪوشش ڪر تہ تون خدا وٽ وڻيل ۽ اھڙو پورھيت ثابت ٿئين جنھن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو ڪلام صحيح نموني ۾ استعمال ٿو ڪري.

16. اجائي بڪ بڪ کان پاسو ڪر، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ماڻھو انھيءَ ۾ ڪاھي ٿا پون، سي بدڪاريءَ ۾ اڃا بہ وڌندا ويندا.

17. انھن جي تعليم ناسور وانگر پکڙبي رھندي. ھمنيوس ۽ فليتس انھن ماڻھن مان آھن.

18. اھي سچ کان گمراھہ ٿي ويا آھن ۽ چون ٿا تہ قيامت اڳي ئي ٿي چڪي آھي. اھڙيءَ طرح اھي ڪن ماڻھن جو ايمان بگاڙين ٿا.

19. تنھن ھوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رھي ٿو. انھيءَ تي ھنن لفظن جي مُھر لڳل آھي تہ”خداوند پنھنجن کي سڃاڻي ٿو.“۽”جيڪو خداوند جي نالي جو اقرار ڪري ٿو،تنھن کي بڇڙائيءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.“

20. ڪنھن وڏي گھر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ ھوندا آھن، بلڪ ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ. انھن مان ڪي اعليٰ ڪمن لاءِ آھن ۽ ڪي ذليل ڪمن لاءِ.

21. تنھنڪري جيڪڏھن ڪو ماڻھو پاڻ کي ذليل ڪمن کان صاف سٿرو ٿو رکي تہ اھو عزت وارو ۽ خاص ٿانءُ ٿيندو، جيڪو پنھنجي مالڪ لاءِ مفيد ۽ ھر چڱي ڪم لاءِ تيار ھوندو.

22. جوانيءَ جي برين خواھشن کان پري ڀڄ. انھيءَ کان سواءِ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏجي سچائي، ايمان، محبت ۽ صلح جو طلبگار ٿيءُ.

23. بي⁠وقوفيءَ ۽ نادانيءَ جي مباحثن کان پاسو ڪر، ڇالاءِ⁠جو تون ڄاڻين ٿو تہ اھي جھيڙا جھڳڙا پيدا ڪن ٿا.

24. خداوند جي ٻانھي کي جھيڙو ڪرڻ نہ ٿو جڳائي. ان جي بدران کيس گھرجي تہ سڀني سان نرميءَ سان پيش اچي، تعليم ڏيڻ جي لائق ھجي ۽ بردبار ھجي.

25. جيڪي سندس مخالف آھن تن کي ھو نرميءَ سان سمجھائي، شايد خدا انھن کي توبھہ جي توفيق بخشي تہ ھو سچ کي سڃاڻين.

26. انھيءَ لاءِ تہ اھي پنھنجي ھوش ۾ اچي شيطان جي ڦندي مان ڇٽن، جنھن کين پنھنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ قيدي بڻايو آھي.