نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 5:4-10 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. اھا فتويٰ ھيءَ آھي تہ اوھين منھنجي روح سان گڏجي اسان جي خداوند عيسيٰ جي نالي، سندس قدرت سان

5. اھڙي شخص جي جسماني خواھشن کي برباد ڪرڻ لاءِ کيس شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو تہ جيئن سندس روح خداوند جي ڏينھن بچي وڃي.

6. اوھان جو فخر ڪرڻ چڱو نہ آھي. اوھين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ٿورڙو ئي خميرو ساري ڳوھيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آھي.

7. پراڻو خميرو ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوھين نج اٽو بڻجي پئو. سچ⁠پچ تہ اوھين بي⁠خميرا آھيو، ڇالاءِ⁠جو اسان جي عيد فصح جو گھيٽو يعني مسيح قربان ٿي ويو آھي.

8. تنھنڪري اچو تہ عيد ڪريون، پر نہ پراڻي خميري يعني برائيءَ ۽ شرارت جي خميري سان، بلڪ صاف⁠دليءَ ۽ سچائيءَ جي بي⁠خميري مانيءَ سان.

9. مون پنھنجي خط ۾ اوھان ڏانھن لکيو ھو تہ زناڪارن سان صحبت نہ رکجو.

10. منھنجو مطلب اھو نہ آھي تہ اوھين ھن جھان جي زناڪارن، لالچين، دغابازن ۽ بت⁠پرستن سان لاڳاپا ئي لاھي ڇڏيو، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان اوھان کي ضرور ھن جھان مان نڪري وڃڻو پوندو.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 5