بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16

نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

ڪليسيا ۾ زناڪاري

1. ايتري قدر بہ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تہ اوھان ۾ زناڪاري آھي ۽ زناڪاري بہ اھڙي جيڪا غير قومن ۾ بہ ڪانھي، بلڪ اوھان مان تہ ھڪڙو پنھنجي پيءُ جي زال ويھاريو ويٺو آھي.

2. جنھن اھڙو ڪم ڪيو آھي تنھن کي پنھنجي ٽولي مان اوھان کي ڪڍي ڇڏڻ گھربو ھو. پر اوھين تہ انھيءَ تي افسوس ڪرڻ بدران اٽلندو ٻٽاڪون ٿا ھڻو.

3. جيتوڻيڪ منھنجو جسم اوھان وٽ حاضر نہ آھي پر منھنجو روح حاضر آھي. سو مون ڄڻ تہ پنھنجي موجودگيءَ ۾ اڳ ئي اھڙي ڪم ڪرڻ واري لاءِ فتويٰ ڏئي ڇڏي آھي.

4. اھا فتويٰ ھيءَ آھي تہ اوھين منھنجي روح سان گڏجي اسان جي خداوند عيسيٰ جي نالي، سندس قدرت سان

5. اھڙي شخص جي جسماني خواھشن کي برباد ڪرڻ لاءِ کيس شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو تہ جيئن سندس روح خداوند جي ڏينھن بچي وڃي.

6. اوھان جو فخر ڪرڻ چڱو نہ آھي. اوھين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ٿورڙو ئي خميرو ساري ڳوھيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آھي.

7. پراڻو خميرو ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوھين نج اٽو بڻجي پئو. سچ⁠پچ تہ اوھين بي⁠خميرا آھيو، ڇالاءِ⁠جو اسان جي عيد فصح جو گھيٽو يعني مسيح قربان ٿي ويو آھي.

8. تنھنڪري اچو تہ عيد ڪريون، پر نہ پراڻي خميري يعني برائيءَ ۽ شرارت جي خميري سان، بلڪ صاف⁠دليءَ ۽ سچائيءَ جي بي⁠خميري مانيءَ سان.

9. مون پنھنجي خط ۾ اوھان ڏانھن لکيو ھو تہ زناڪارن سان صحبت نہ رکجو.

10. منھنجو مطلب اھو نہ آھي تہ اوھين ھن جھان جي زناڪارن، لالچين، دغابازن ۽ بت⁠پرستن سان لاڳاپا ئي لاھي ڇڏيو، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان اوھان کي ضرور ھن جھان مان نڪري وڃڻو پوندو.

11. دراصل مون اوھان ڏانھن اھو لکيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ايمان آڻيندڙ سڏائي پر ھجي زناڪار، يا لالچي يا بت⁠پرست يا گاريل، يا شرابي يا دغاباز، تہ انھيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اھڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو.

12. جيڪي ڌاريا آھن تن تي فتويٰ ڏيڻ سان منھنجو ڪھڙو واسطو؟ پر اوھين رڳو پنھنجن مان بڇڙائي ڪندڙ تي فتويٰ ڏيو.

13. ڇالاءِ⁠جو ڌارين تي خدا پاڻ فتويٰ ڏيندو. پر ”اوھين پنھنجي ٽولي مان انھيءَ بڇڙي ماڻھوءَ کي ڪڍي ڇڏيو.“جيئن پاڪ لکت ۾ آھي.