نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 15:35-37 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

35. ھاڻي ڪو چوندو تہ مئل ڪيئن اٿاريا وڃن ٿا؟ ۽ اھي وري ڪھڙي قسم جي بدن سان اچن ٿا؟

36. اي بي⁠وقوف! جيڪو ٻج پوکجي ٿو، سو جيستائين مري نہ ٿو تيستائين ڦٽي نہ ٿو.

37. اھڙيءَ طرح جيڪو تون پوکين ٿو سو اھو جسم نہ آھي جيڪو پيدا ٿيڻ وارو آھي پر رڳو داڻو آھي، پوءِ اھو ڪڻڪ جو ھجي يا ڪنھن ٻي جنس جو.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 15