بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16

نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

مسيح جو جِي اٿڻ

1. ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اھا خوشخبري ياد ڏياريان ٿو، جيڪا اوھان کي ٻڌائي ھيم. اوھان اھا قبول ڪئي ۽ انھيءَ تي اوھين قائم بہ آھيو.

2. اھا ئي خوشخبري آھي جا اوھان کي ٻڌائي ھيم. انھيءَ جي وسيلي اوھان کي نجات ملي ٿي، بشرطيڪ اوھين انھيءَ تي مضبوطيءَ سان پابند آھيو، نہ تہ اوھان جو ايمان آڻڻ اجايو آھي.

3. جيڪي مون کي مليو تنھن کي سڀ کان اھم سمجھي اوھان تائين پھچايم، تہ پاڪ لکتن موجب مسيح اسان جي گناھن جي واسطي مئو.

4. پوءِ ھو دفن ڪيو ويو ۽ پاڪ لکتن موجب ٽئين ڏينھن تي وري جي اٿيو.

5. ان سان گڏ پطرس ۽ بعد ۾ ٻارھن ئي رسولن کي ڏيکاري ڏنائين.

6. تنھن کان پوءِ ھڪ ئي وقت پنجن سون کان وڌيڪ ايمان وارن کي ڏيکاري ڏنائين، جن منجھان گھڻا اڃا تائين جيئرا آھن، جيتوڻيڪ ڪجھہ مري ويا آھن.

7. پوءِ وري ھن يعقوب ۽ بعد ۾ ٻين سڀني رسولن کي ڏيکاري ڏني.

8. سڀ کان پوءِ ھن مون کي بہ ڏيکاري ڏني، ڄڻ تہ آءٌ اڌوري وقت تي ڄائو ھوس.

9. ڇالاءِ⁠تہ آءٌ رسولن ۾ سڀني کان گھٽ آھيان ۽ رسول سڏجڻ جو بہ حقدار ناھيان، ڇوتہ خدا جي ڪليسيا کي ستايو ھوم.

10. پر جيڪي ڪجھہ آھيان، سو خدا جي فضل سان آھيان ۽ خدا جو فضل مون تي اجايو نہ ھو. بلڪ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ محنت ڪئي، تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ، پر اھو خدا جو فضل ھو جيڪو مون ساڻ آھي.

11. تہ پوءِ آءٌ ھجان يا اُھي، اسين سڀ ساڳي ئي تبليغ ڪريون ٿا ۽ اوھان انھيءَ تي ئي ايمان بہ آندو.

مُڙدن جو جِي اٿڻ

12. ھاڻي جيڪڏھن تبليغ ڪجي ٿي تہ مسيح مئلن مان جِي اٿيو آھي، تہ اوھان مان ڪي ڪيئن چئي سگھن ٿا تہ مئل جيئرا ڪري نہ ٿا اٿارجن؟

13. پر جي مئل جيئرا ٿي نہ ٿا اٿن تہ پوءِ چئجي تہ مسيح بہ جِي ڪونہ اٿيو آھي.

14. جيڪڏھن مسيح جِي ڪونہ اٿيو آھي، تہ پوءِ اسان جي تبليغ اجائي آھي ۽ اوھان جو ايمان بہ اجايو آھي.

15. پوءِ تہ اسين خدا جي باري ۾ بہ ڪوڙا شاھد ٿي پياسين، ڇوتہ اسان شاھدي ڏني آھي تہ ھن مسيح کي جياريو. پر خدا کيس نہ اٿاريو، جيڪڏھن اھو سچ آھي تہ مئل نہ ٿا اٿارجن.

16. جيڪڏھن مئل جياري نہ ٿا اٿارجن تہ پوءِ مسيح بہ نہ اٿاريو ويو آھي،

17. ۽ جيڪڏھن مسيح جياري نہ اٿاريو ويو آھي تہ اوھان جو ايمان اجايو آھي ۽ اوھين اڃا تائين پنھنجن گناھن ۾ غرق آھيو.

18. تہ پوءِ چئجي تہ جيڪي⁠بہ مسيح تي ايمان آڻيندڙ مري چڪا آھن سي برباد ٿي ويا.

19. جيڪڏھن اسان جي مسيح ۾ اميد رڳو ھن جھان لاءِ آھي تہ پوءِ اسين سڀني ماڻھن کان وڌيڪ رحم لائق آھيون.

20. پر سچ⁠پچ مسيح مئلن مان جي اٿيو آھي ۽ سڀني مري ويلن جي پھرين مراد آھي.

21. جھڙيءَ طرح ماڻھوءَ جي وسيلي موت آيو، تھڙيءَ طرح ماڻھوءَ جي ئي وسيلي مُڙدن جو جِي اٿڻ بہ آيو آھي.

22. جيئن آدم جا ھئڻ ڪري سڀ مرن ٿا، تيئن ئي جيڪي مسيح جا ھوندا سي سڀ جياريا ويندا.

23. پر ھر ڪو پنھنجي واري تي جياريو ويندو. ان جو پھريون ڦل مسيح آھي جيڪو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ پوءِ ان جي وري اچڻ سان اُھي جيئرا ٿي اٿندا جيڪي مسيح جا آھن.

24. پوءِ آخرت ٿيندي ۽ مسيح ھر حڪومت، ھر اختياريءَ ۽ طاقت کي برباد ڪري بادشاھت خدا يعني پيءُ جي حوالي ڪندو.

25. ڇالاءِ⁠جو مسيح کي تيستائين حڪمراني ڪرڻي آھي، جيستائين خدا سڀني دشمنن کي سندس قدمن ھيٺان نہ ڪري.

26. آخري دشمن جيڪو ناس ٿيندو سو آھي موت.

27. ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪتابن ۾ لکيل آھي تہ ”خدا ھر ڪا شيءِ سندس قدمن ھيٺان ڪئي.“ ھاڻي جڏھن ائين چئجي ٿو تہ ھر ڪا شيءِ سندس ھٿ ھيٺ ڪئي ويئي آھي تہ ظاھر آھي تہ ان ۾ خدا پاڻ شامل نہ آھي، جنھن سڀڪا شيءِ مسيح جي ھٿ ھيٺ ڪئي آھي.

28. ھاڻي جڏھن ھن ائين ڪيو آھي تہ پوءِ پٽ پنھنجو پاڻ خدا جي تابع ٿيندو. انھيءَ خدا سڀ شيون مسيح جي ھٿ ھيٺ ڪيون تہ جيئن سڀني ۾ خدا ئي سڀ ڪجھہ ھجي.

29. جيڪڏھن مئل وري جِي نہ ٿا اٿن تہ مئلن جي حق ۾ بپتسما وٺندڙ ڇا ڪندا؟ جيڪڏھن مئل واقعي ئي جِي نہ ٿا اٿن تہ انھن جي حق ۾ ماڻھن کي بپتسما ڇو ٿي ڏني وڃي؟

30. جيستائين اسان جو واسطو آھي، اسين ھر گھڙيءَ پاڻ کي خطري ۾ ڇو ٿا رکون؟

31. اي ڀائرؤ! مون کي پنھنجي انھيءَ فخر جو قسم، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان گڏ ھئڻ ڪري اوھان تي آھي، تہ آءٌ ڏھاڙي موت جي منھن ۾ آھيان.

32. جيڪڏھن آءٌ اِفسس ۾ جھنگلي جانورن سان انساني خواھش جي ڪري وڙھيس تہ پوءِ مون کي ڪھڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏھن مئل نہ ٿا اٿارجن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇوتہ سڀاڻي مري کپي وينداسين.

33. ٺڳجي نہ وڃو. بري صحبت سٺيون عادتون بگاڙي ڇڏي ٿي.

34. نيڪيءَ جي خاطر جاڳي پئو ۽ گناھہ نہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪي خدا کي نہ ٿا ڄاڻن. تنھنڪري ئي آءٌ چوان ٿو تہ اھا اوھان لاءِ شرم جي ڳالھہ آھي.

جيئرو ڪيل جسم

35. ھاڻي ڪو چوندو تہ مئل ڪيئن اٿاريا وڃن ٿا؟ ۽ اھي وري ڪھڙي قسم جي بدن سان اچن ٿا؟

36. اي بي⁠وقوف! جيڪو ٻج پوکجي ٿو، سو جيستائين مري نہ ٿو تيستائين ڦٽي نہ ٿو.

37. اھڙيءَ طرح جيڪو تون پوکين ٿو سو اھو جسم نہ آھي جيڪو پيدا ٿيڻ وارو آھي پر رڳو داڻو آھي، پوءِ اھو ڪڻڪ جو ھجي يا ڪنھن ٻي جنس جو.

38. خدا کي جيئن وڻي ٿو تيئن انھيءَ ٻج کي جسم ڏئي ٿو، بلڪ ھر ھڪ ٻج کي پنھنجو پنھنجو جسم عطا ڪري ٿو.

39. سڀني جو جسم ھڪجھڙو نہ ٿيندو آھي. انسانن جو جسم ھڪ قسم جو آھي تہ چوپاين جو ٻيءَ طرح، پکين جو ھڪڙو تہ مڇين جو ٻيو.

40. آسماني جسم بہ آھن ۽ زميني بہ. پر آسمان وارن جو جلوو ھڪڙو آھي تہ زمين وارن جو وري ٻيو.

41. سج جو ھڪ جلوو آھي تہ چنڊ جو وري ٻيو جلوو آھي ۽ تارن جو اڃا وري ٻيو جلوو آھي. ھر ھڪ تارو وري ٻئي تاري کان جلوي ۾ جدا جدا آھي.

42. اھو ئي حال آھي مئلن جي جِي اٿڻ جو، يعني جيڪو جسم فنا جي حالت ۾ پورجي ٿو سو بقا جي حالت ۾ جيارجي ٿو.

43. اھو بي⁠قدريءَ سان پورجي ٿو، پر جلوي سان جياريو وڃي ٿو. ڪمزوريءَ جي حالت ۾ پورجي ٿو ۽ طاقتور ڪري جياريو وڃي ٿو.

44. نفساني جسم پورجي ٿو پر روحاني جسم ڪري جيارجي ٿو. جيڪڏھن نفساني جسم آھي تہ پوءِ روحاني جسم بہ آھي.

45. جيئن پاڪ لکتن ۾ آيل آھي تہ ”پھريون انسان آدم جيئرو جيءُ بڻيو.“ تہ پوءِ پويون آدم زندگي بخشيندڙ روح آھي.

46. انھيءَ ھوندي بہ پھريائين روحاني نہ، پر جسماني ھو ۽ پوءِ روحاني ٿيو.

47. پھريون ماڻھو زمين مان آيو ۽ خاڪي ھو، ٻيو ماڻھو آسمان مان آيو.

48. جيڪي ڌرتيءَ وارا آھن سي انھيءَ وانگر آھن جيڪو مٽيءَ مان بڻيو ۽ جيڪي آسمان وارا آھن سي انھيءَ وانگر آھن جيڪو آسمان مان آيو.

49. جھڙي نموني اسان کي ڌرتيءَ واري جي صورت ملي آھي، تھڙي نموني آسمان واري جي صورت بہ ملندي.

50. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منھنجي چوڻ جو مطلب آھي تہ خاڪي جسم وارو خدا جي بادشاھت جو وارث نہ ٿي سگھندو ۽ نہ ئي فاني، غير فانيءَ جو وارث بڻجي سگھي ٿو.

51. ٻڌو، آءٌ اوھان کي ھڪ راز ٻڌايان ٿو تہ اسين سڀ مري ڪونہ وينداسين پر سڀيئي بدلايا وينداسين،

52. ھڪدم، اک ڇنڀ ۾، آخري صور جي ڦوڪڻ سان ئي. اھا صور ڦوڪي ويندي، مئل غير فاني حالت ۾ اٿاريا ويندا ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين.

53. جيڪو فاني آھي سو بقا جي پوشاڪ ضرور پائيندو ۽ مرڻ وارو دائمي حياتيءَ جي پوشاڪ پائيندو.

54. تنھنڪري جڏھن فانيءَ کي غير فاني ۽ مرڻ واري کي دائمي پوشاڪ پھرائي ويندي، تڏھن اھو لکيل قول سچو ثابت ٿيندو تہ”موت نابود ٿي ويو، فتح پوري ٿي.

55. اي موت! ڪٿي آھي تنھنجي فتح؟اي موت! ڪٿي آھي تنھنجو ڏنگ؟“

56. موت جو ڏنگ گناھہ ئي آھي ۽ گناھہ جي طاقت شريعت ئي آھي.

57. پر خدا جو شڪر آھي جو ھو اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي فتح ٿو ڏئي.

58. تہ پوءِ اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت⁠قدم رھو ۽ ھميشہ خداوند جي ڪم ۾ وڌندا ھلو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ خداوند جي خدمت ۾ اوھان جو پورھيو اجايو نہ آھي.