نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 15:16-26 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

16. جيڪڏھن مئل جياري نہ ٿا اٿارجن تہ پوءِ مسيح بہ نہ اٿاريو ويو آھي،

17. ۽ جيڪڏھن مسيح جياري نہ اٿاريو ويو آھي تہ اوھان جو ايمان اجايو آھي ۽ اوھين اڃا تائين پنھنجن گناھن ۾ غرق آھيو.

18. تہ پوءِ چئجي تہ جيڪي⁠بہ مسيح تي ايمان آڻيندڙ مري چڪا آھن سي برباد ٿي ويا.

19. جيڪڏھن اسان جي مسيح ۾ اميد رڳو ھن جھان لاءِ آھي تہ پوءِ اسين سڀني ماڻھن کان وڌيڪ رحم لائق آھيون.

20. پر سچ⁠پچ مسيح مئلن مان جي اٿيو آھي ۽ سڀني مري ويلن جي پھرين مراد آھي.

21. جھڙيءَ طرح ماڻھوءَ جي وسيلي موت آيو، تھڙيءَ طرح ماڻھوءَ جي ئي وسيلي مُڙدن جو جِي اٿڻ بہ آيو آھي.

22. جيئن آدم جا ھئڻ ڪري سڀ مرن ٿا، تيئن ئي جيڪي مسيح جا ھوندا سي سڀ جياريا ويندا.

23. پر ھر ڪو پنھنجي واري تي جياريو ويندو. ان جو پھريون ڦل مسيح آھي جيڪو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ پوءِ ان جي وري اچڻ سان اُھي جيئرا ٿي اٿندا جيڪي مسيح جا آھن.

24. پوءِ آخرت ٿيندي ۽ مسيح ھر حڪومت، ھر اختياريءَ ۽ طاقت کي برباد ڪري بادشاھت خدا يعني پيءُ جي حوالي ڪندو.

25. ڇالاءِ⁠جو مسيح کي تيستائين حڪمراني ڪرڻي آھي، جيستائين خدا سڀني دشمنن کي سندس قدمن ھيٺان نہ ڪري.

26. آخري دشمن جيڪو ناس ٿيندو سو آھي موت.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 15