نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 15:11-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. تہ پوءِ آءٌ ھجان يا اُھي، اسين سڀ ساڳي ئي تبليغ ڪريون ٿا ۽ اوھان انھيءَ تي ئي ايمان بہ آندو.

12. ھاڻي جيڪڏھن تبليغ ڪجي ٿي تہ مسيح مئلن مان جِي اٿيو آھي، تہ اوھان مان ڪي ڪيئن چئي سگھن ٿا تہ مئل جيئرا ڪري نہ ٿا اٿارجن؟

13. پر جي مئل جيئرا ٿي نہ ٿا اٿن تہ پوءِ چئجي تہ مسيح بہ جِي ڪونہ اٿيو آھي.

14. جيڪڏھن مسيح جِي ڪونہ اٿيو آھي، تہ پوءِ اسان جي تبليغ اجائي آھي ۽ اوھان جو ايمان بہ اجايو آھي.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 15