نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 11:31-34 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

31. جيڪڏھن اسين پنھنجو پاڻ کي جاچيون ھا تہ اسان کي سزا نہ ملي ھا.

32. جڏھن اسان کي سزا ٿي ملي تڏھن خداوند کان اسان جي تربيت ٿي ٿئي، تہ جيئن اسين دنيا سان گڏ ڏوھاري ثابت نہ ٿيون.

33. تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اوھين کائڻ لاءِ گڏ ٿيو تہ ھڪ ٻئي لاءِ ترسو.

34. جيڪڏھن ڪو بکايل ھجي تہ ڀلي پنھنجي گھر کائي، متان اوھان جو گڏ ٿيڻ سزا جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالھيون جڏھن آءٌ ايندس تڏھن اچي ٺيڪ ڪندس.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 11