بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16

نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اوھين منھنجي پيروي ڪريو، جيئن آءٌ مسيح جي پيروي ڪريان ٿو.

عورتن لاءِ عبادت جا آداب

2. آءٌ اوھان جي ساراھہ انھيءَ لاءِ ٿو ڪريان جو اوھين سڀني ڳالھين ۾ مون کي ياد ڪندا آھيو ۽ جيڪي نصيحتون مون اوھان کي ڪيون آھن تن کي قائم رکندا ٿا اچو.

3. آءٌ اوھان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ ھر مرد جو سر مسيح آھي، عورت جو سر مرد آھي ۽ مسيح جو سر خدا آھي.

4. جيڪو مرد پنھنجو سر ڍڪي دعا ٿو گھري يا خدا جو ڪلام ٿو ٻڌائي، سو پنھنجي سر جي بي⁠حرمتي ٿو ڪري.

5. جيڪا عورت پنھنجو سر اگھاڙو ڪري دعا ٿي گھري يا خدا جو ڪلام ٿي ٻڌائي، سا پنھنجي سر جي بي⁠حرمتي ٿي ڪري. اھو ائين آھي جيئن ڪنھن عورت جو مٿو ڪوڙيل ھجي.

6. جيڪڏھن ڪا عورت پنھنجو سر نہ ٿي ڍڪي تہ وار بہ ڪترائي ڇڏي. پر جيڪڏھن ڪنھن عورت لاءِ وار ڪترائڻ يا ڪوڙائڻ شرم جھڙي ڳالھہ آھي، تہ پوءِ پنھنجو سر چادر سان ڍڪي.

7. مرد پنھنجو سر نہ ڍڪي، ڇالاءِ⁠جو ھو خدا جي صورت ۽ جلوو آھي، پر عورت مرد جو جلوو آھي.

8. ڇالاءِ⁠جو مرد عورت مان نہ، بلڪ عورت مرد مان ٺاھي ويئي آھي.

9. ھائو، مرد عورت لاءِ نہ خلقيو ويو ھو، پر عورت مرد لاءِ خلقي وئي ھئي.

10. سو ملائڪن جي اڳيان اختياري ڏيکارڻ لاءِ عورت کي سر ڍڪڻ گھرجي.

11. تنھن ھوندي بہ خداوند جي پيرويءَ ۾ عورت مرد کان لاتعلق ناھي، نڪي مرد عورت کان لاتعلق آھي.

12. ڇالاءِ⁠جو جيئن عورت مرد مان ٺاھي ويئي آھي، تيئن مرد عورت مان ڄڻيل آھي. پر سڀني شين جو ٺاھيندڙ خدا آھي.

13. اوھين پاڻھي انصاف ڪري ڏسو. ڀلا اھو ڪو مناسب آھي ڇا تہ عورت مٿي اگھاڙي خدا کان دعا گھري؟

14. ڇا فطرت اوھان کي نہ ٿي سيکاري تہ وڏا وار مرد لاءِ بي⁠عزتيءَ جي شيءِ آھن؟

15. پر ڇا وڏا وار عورت لاءِ شان نہ آھن؟ ڇالاءِ⁠جو وڏا وار کيس پردي جي لاءِ ڏنا ويا آھن.

16. جيڪڏھن ڪو انھيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آھي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“

خداوند جي يادگيريءَ ۾ ماني

17. ھيٺين ھدايتن ۾ آءٌ اوھان جي ساراھہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي.

18. اول تہ مون کي ٻڌڻ ۾ آيو آھي تہ ڪليسيا جي گڏ ٿيڻ وقت اوھان ۾ اڻ⁠بڻت پيدا ٿئي ٿي ۽ انھيءَ ڳالھہ تي مون کي ٿورو گھڻو اعتبار بہ اچي ٿو.

19. اوھان جي وچ ۾ تفرقا ضرور ھوندا تہ جيئن اھو صاف ظاھر ٿئي تہ اوھان مان ڪير سچا آھن.

20. سو اوھين جڏھن بہ پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏھن اوھين جيڪي ڪجھہ کائو ٿا سو خداوند جي يادگيريءَ جي ماني ڪينھي.

21. ڇالاءِ⁠جو جڏھن اوھين کائو ٿا، تڏھن ھر ڪو پنھنجي ماني ٻئي کان اڳ ۾ کايو ٿو وٺي. ھڪڙو بکايل رھجي وڃي ٿو تہ ٻيو نشي ۾ چور ٿيو پوي.

22. ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوھان کي پنھنجا گھر ڪونہ آھن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آھي تن کي شرمندو ڪري ڪليسيا کي ڇو ٿا حقير سمجھو؟ آءٌ اوھان کي ڇا چوان؟ انھيءَ ڪري آءٌ اوھان جي ساراھہ ڪريان ڇا؟ يقيناً آءٌ اوھان جي ساراھہ ڪونہ ٿو ڪريان.

23. جيئن تہ ھيءَ ڳالھہ مون کي خداوند کان ملي ۽ مون اھا اوھان تائين بہ پھچائي تہ جنھن رات خداوند عيسيٰ کي گرفتار ڪرايو ويو تنھن رات ھن ماني کنئي.

24. پوءِ شڪرانو ادا ڪري ھن ماني ڀڃي چيو تہ ”ھي منھنجو بدن آھي، جيڪو اوھان جي واسطي آھي. منھنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رھجو.“

25. اھڙيءَ طرح ھن کائڻ کان پوءِ پيالو بہ ورتو ۽ چيائين تہ ”ھيءُ پيالو اھو نئون عھد آھي جيڪو منھنجي رت جي وسيلي ڪيو ويو آھي. جڏھن بہ اھو پيئو تہ منھنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رھجو.“

26. مطلب تہ جڏھن بہ اوھين ھيءَ ماني کائو ٿا ۽ ھيءُ پيالو پيئو ٿا، تڏھن اوھين خداوند جي موت جو اظھار ٿا ڪريو، جيستائين ھو پاڻ موٽي اچي.

27. تنھنڪري جيڪو بہ نالائقيءَ طور خداوند جي ماني کائيندو ۽ پيالو پيئندو، سو خداوند جو سندس بدن ۽ رت جي نسبت ۾ گنھگار ٿيندو.

28. تنھنڪري پھريائين ھر ڪو ماڻھو پاڻ کي خيال سان جاچي ۽ پوءِ ھن مانيءَ مان کائي ۽ ھن پيالي مان پيئي.

29. ڇالاءِ⁠جو جيڪو شخص کائي پيئي ٿو پر خداوند جي بدن جي صحيح سڃاڻپ نہ ٿو رکي، سو انھيءَ کائڻ پيئڻ ۾ پنھنجي لاءِ سزا ٿو ڪمائي.

30. انھيءَ سبب ڪري اوھان مان گھڻا ڪمزور ۽ بيمار آھن ۽ ڪيترا تہ مري بہ ويا آھن.

31. جيڪڏھن اسين پنھنجو پاڻ کي جاچيون ھا تہ اسان کي سزا نہ ملي ھا.

32. جڏھن اسان کي سزا ٿي ملي تڏھن خداوند کان اسان جي تربيت ٿي ٿئي، تہ جيئن اسين دنيا سان گڏ ڏوھاري ثابت نہ ٿيون.

33. تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اوھين کائڻ لاءِ گڏ ٿيو تہ ھڪ ٻئي لاءِ ترسو.

34. جيڪڏھن ڪو بکايل ھجي تہ ڀلي پنھنجي گھر کائي، متان اوھان جو گڏ ٿيڻ سزا جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالھيون جڏھن آءٌ ايندس تڏھن اچي ٺيڪ ڪندس.